غوثپور ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، 2 زخمي، 12 ڄڻا اغوا

غوثپور (رپورٽ:عبدالجبار اوڳاھي)غوثپور اوڳاھي ۽ نصيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو فائرنگ ھڪ قتل 2 ڄڻا زخمي ٻن ڌرين جا 12 ڄڻن يرغمال بڻايل غوثپور ڀرسان ڪچو ڪيٽي ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ يار محمد اوڳاھي ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ اوڳاھي ۽ نصيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي  تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿي,،ٻنھي ڌرين جي ھٿياربندن ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا، فائرنگ گوليون لڳڻ علي حسن نصيراڻي مارجي ويو،جڏھن فائرنگ ۾ نثار اوڳاھي ۽ فيضو اوڳاھي سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي وارثن غوثپور جي سرڪاري اسپتال ۾ علاج لاءِ آندو آھي،جٿي زخمين کي ابتدائي طبي امداد ڏني ويئي، زخمين مان فيضو اوڳاھي جي حالت نازڪ ھجڻ سبب کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر جي اسپتال موڪليو ويو، ٻنھي ڌرين جي فائيرنگ سبب علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ٿي ويو، واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي واقعي جو اطلاع ملڻ تي تيغاڻي جي هٿياربندن پاران اوڳاھي برادري جي امان اوڳاھي اسلم اوڳاھي مھر اوڳاھي لالو اوڳاھي  نصرالله اوڳاھي مرتضيٰ اوڳاھي ماجد اوڳاھي سميت 8 پورهيتن  ڄڻا کي يرغمال بڻائي ڇڏيو، واقعي جو اطلاع ملڻ تي اوڳاھي برادري جي هٿياربندن پاران تيغاڻي برادري جي 4 ڄڻن کي يرغمال بڻائي ڇڏيو، ذريعن جڏھن ته سمارجي ويل نصيراڻي برادري پوليس کي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گھربل ھو، جھيڙي سبب ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آھن ۽ وڌيڪ خونريزي ٿيڻ جا امڪان آھن واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.