اسلام آباد/دوحا(پ ر)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان قطر جي شهر دوحا ۾ حماس اڳواڻ حسن درويش، اڳوڻي اڳواڻ خالد مشعل، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر خليل الحيا ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ جماعت اسلامي جو پرڏيهي معاملن وارو ڊائريڪٽر آصف لقمان قاضي به موجود هو. حافظ نعيم الرحمان غزا جي عوام ۽ حماس جي قيادت کي غزه ۾ جنگ بندي معاهدي ۽ پندرهن مهينن تائين مڪمل ثابت قدمي سان مزاحمت ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو.هن چيو ته الخدمت فائونڊيشن ڪالهه به غزه جي عوام سان گڏ هئي ۽ اڳتي به رهندي اسماعيل هنيه، يحيٰ سنور ۽ غزه جي 60 هزار شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا،حماس جي سربراهه حسن درويش فلسطين جي عوام جي طرفان جماعت اسلامي پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام جو شڪريو ادا ڪيو،هن چيو ته اسان پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جي بحالي ۽ بحالي جي ڪم ۾ تعاون جي اميد رکون ٿا. اجلاس کان فوري پوءِ امير جماعت اسلامي الخدمت فائونڊيشن پاڪستان کي هدايت ڪئي ته هو فوري طور تي 10 هزار خيمه غزه جي متاثرن لاءِ موڪلين.