رپورٽن موجب پاڻي جي ورڇ جي معاملي تي مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ يعني حڪومت ۽ ان جي اتحادي جماعت هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿي ويون آهن. سينيٽ ۾ سينيٽر شيري رحمان وفاقي حڪومت تي سنڌو درياهه تي ڪينال ٺاهي سنڌ جي پاڻي جي حصي مان ڪٽوتي ڪرڻ تي تنقيد ڪئي جنهن جي جواب ۾ سينيٽر عرفان صديقيءَ چيو ته جيڪڏهن پنجاب پنهنجي حصي جي پاڻي مان ڪينال ٺاهي رهيو آهي ته سينٽ جي اجلاس ۾ پ پ سينيٽر شيري رحمان سنڌو درياهه تي ڪمرشل ڪموڊٽي فارمنگ لاءِ بيراج، ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهڻ بابت تحريڪ التوا پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ خلاف سنڌ جي هر علائقي ۾ سخت احتجاج ٿي رهيو آهي ۽ وفاقي حڪومت ڇهن ڪئنالن ٺاهڻ بابت ڪوبه مشورو نه ڪيو. سي ڊي ڊبليو پي اجلاس ۾ وڏي وزير پڻ سخت اعتراض جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته چولستان جي ريگستان کي سرسبز بڻائڻ لاءِ ڪئنال ٺاهي سنڌ جي حصي جو پاڻي کنيو پيو وڃي. شيري رحمان چيو ته، حڪومت جيڪا پاڻي جي صورتحال ۽ ڊيٽا بيان ڪري رهي آهي سا حقيقت جي ابتڙ آهي. ارسا پاڻ 25 سالن کان پاڻي جي گهٽتائي جي ڳالهه ڪندي رهي آهي، جڏهن ته سينيٽر عرفان صديقيءَ چيو ته اهڙو ڪو منصوبو ناهي جنهن سان سنڌ جي پاڻي جو حصو متاثر ٿئي اهڙو ڪو منصوبو آهي ته ٻڌايو وڃي. هن چيو ته اهڙيون ڳالهيون نه ڪريون جنهن سان وفاق ۾ ڏار پون. ٻئي پاسي اپوزيشن ليڊر شبلي فراز پڻ پاڻي جي معاملي تي پ پ جي موقف جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته نون ڪئنالن سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي. هن چيو ته عالمي اصول به اهو آهي ته هيٺين علائقن جي مفادن جو خيال ڪيو ويندو آهي ۽ انهن کي فائدو ڏنو ويندو آهي.
هن مٿي ڄاڻايل رپورٽ جا ٻه اهم پاسا آهن، هڪ پاڻي جي ورڇ وارو معاملو ۽ ٻيو وفاق جي سلامتي وارو سوال جنهن جو حوالو سينيٽر عرفان صديقيءَ ڏنو آهي. جيستائين پاڻي جي ورڇ جو تعلق آهي ته اصولي طور تي ان ۾ ڪو مونجهارو ناهي ڇاڪاڻ ته ان لاءِ ملڪي سطح تي پاڻي جو 1991ع وارو معاهدو به آهي، درياهن جي عالمي قانون به آهي، ارسا اٿارٽي به آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل به آهي جتي تڪراري معاملن کي سلجهائي سگهجي ٿو. ڪو به مسئلو، تڪرار يا بحران ان وقت ٿيندو آهي جڏهن ڪا ڌر پاڻي جي معاهدن ۽ درياهن جي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي آهي اُها ڌر ڪهڙي آهي جيڪا پاڻي جي معاهدن ۽ درياهن جي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي آهي. سا تاريخ ۾ نشانبر آهي. تاريخ جو مطالعو ڪبو ته هڪ صوبو پنجاب ئي آهي جيڪو پاڻي جي معاهدن ۽ درياهن جي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندو آيو آهي ۽ جيڪو ملڪ جو وڏو صوبو هئڻ باوجود ننڍن صوبن جي مفادن جو نه پر رڳو پنهنجن مفادن جو خيال ڪندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪير ان جي پاليسي تي تنقيد ڪندو آهي ته چيو ويندو آهي ته صوبائيت ڦهلائي ٿي وڃي يا وفاق جي سلامتي کي ڇيهو رسايو وڃي ٿو.
جڏهن ته اصولي طور تي وفاق ملڪ جي سڀني صوبن تي ٻڌل آهي رڳو هڪ صوبي پنجاب تائين محدود ناهي. وفاق کي صرف ۽ صرف پنجاب صوبي کي وفاق نه سمجهڻ گهرجي پر ملڪ جي سڀني صوبن جو برابري جي بنياد تي خيال ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙي ذميواري جو احساس خاص ڪري وفاقي حڪومت ۽ ٻئي نمبر تي ملڪ جي آبادي جي لحاظ کان سڀ کان وڏي صوبي پنجاب کي ڪرڻ گهرجي. اصولي طور تي پنجاب صوبي کي ٻين سڀني ننڍن صوبن لاءِ وڏي صوبي هئڻ ناتي وڏي ڀاءُ وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي پر ملڪي تاريخ کي ڏسبو ته ان هڪ صوبي ئي اصل ۾ ننڍن صوبن جا حق ماري ۽ استحصال ڪري وفاق کي تڪراري به ڪيو آهي ته ڪمزور به ڪيو آهي. پنجاب صوبو جيڪڏهن وڏي ڀاءُ وارو ڪردار ادا ڪري ننڍن صوبن جو خيال ڪري ها ته وفاق اڄ انتهائي مضبوط هجي ها.
سو وفاق جي مضبوطي ان ڳالهه سان مشروط آهي ته ملڪ جي ننڍن صوبن کي آئين ۾ ڏنل سڀ حق ڏنا وڃن اهي حق سياسي به آهن ته، پاڻي ۽ ٻين وسيلن بابت به آهن جن بابت ننڍن صوبن کي هر دور ۾ شڪايت رهي آهي ته اهي حق کين وفاق نٿو ڏي ۽ اهو صرف ۽ صرف هڪ صوبي پنجاب جي ئي مفادن جو رکوال رهيو آهي. جڏهن ته وفاق تي اهڙي قسم جي تنقيد ٿيندي آهي ته بجاءِ ان جي ته اهو فراخ دلي سان اها تنقيد برداشت ڪري ۽ پنهنجي اصلاح ڪري الٽو اهو ننڍن صوبن تي وفاق کي ڪمزور ڪرڻ جا الزام لڳائيندي انهن کي ملڪ دشمن ۽ صوبائي سوچ جا سرٽيفيڪٽ ڏيندو آهي جيئن هاڻي سينيٽ ۾ ملڪ جي وفاقي جماعت پ پ جي سينيٽر شيري رحمان سنڌو درياهه مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي جي مخالفت ڪئي ته مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر مٿس الزام هنيو ته اهڙيون ڳالهيون نه ڪريو جنهن سان وفاق ۾ ڏار پون.
پر هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا مسلم ليگ (ن) جي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ وفاق ۾ ڏار وجهڻ آهي بلڪل به نه پر هتي هر دور ۾ هڪ صوبي جي مفادن جي ڳالهه ڪندڙ ڪنهن حڪومت تي تنقيد ڪجي ته ان کي وفاق تي حملو قرار ڏنو ويندو آهي ۽ ايئن وفاق جي آڙ ۾ هميشه ننڍن صوبن جا حق ۽ وسيلا کائي اهو تاثر ڏنو ويندو آهي ته اهو سڀ وفاق جي مفاد ۾ آهي. يعني جيڪو هڪ صوبي جي نمائندگي ڪندڙ حڪومت هڪ صوبي لاءِ سوچي ۽ ڪري ته اها وفاقيت آهي پر جيڪڏهن ننڍا صوبا پنهنجن حقن ۽ مفادن جي ڳالهه ڪن ته اها وري صوبائيت واري سوچ ٿي ويندي آهي.
اسان سمجهون ٿا ته اهو ئي وفاق دشمن عمل ۽ رويو آهي. جڏهن ته وفاقيت جو جمهوري روح اهو آهي ته آئين ۽ قانون ۾ ڏنل سڀني صوبن جي حقن ۽ وسيلن جو خيال ڪيو وڃي ۽ سڀني صوبن کي برابري طور آئيني حق ڏنا وڃن. ٻيو ته وفاق کي وفاقي سوچ اختيار ڪرڻي پوندي ۽ ڪس کائي ڪري به پهريون ننڍن صوبن جي مفادن جو خيال ڪرڻو پوندو پر ٿيندو ان جي ابتڙ آهي. وفاقي حڪومت پهريون وفاقي مفادن کي ڏسندي آهي جيڪو پنهنجي روح ۾ هڪ وڏي صوبي جي مفاد ۾ ئي هوندو آهي پاڻي جي ورڇ جو مسئلو به اصولي طور تي هڪ وڏي صوبي جي هوڏ ڪري پيدا ٿيو آهي جنهن جي نشاندهي سينيٽ ۾ حڪومت جي اتحادي جماعت پ پ ۽ پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ اپوزيشن ليڊر شبلي فراز ڪئي آهي.