سنڌ ۾ ختم ٿيندڙ رياستي رٽ ۽ سواليه نشان بڻجي ويل پوليس جو ڪردار

تحرير: ذلفي چاچڙ

ڪجهه وقت اڳ ڏوهارين پاران سوشل ميڊيا تي اهڙي قسم جون ويڊيوز وائرل ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ضلعي پوليس آفيسر سميت حڪومت کي پڻ ڌمڪايو  ويندو رهيو هو، نه رڳو ايترو پر سي پيڪ سميت  نيشنل ۽ انڊس هاءِ ويز  کي پڻ بند ڪرڻ جهڙيون ڌمڪيون شامل هونديون هيون. بعد ۾ ڏٺو ويو ته اهي محض ڌمڪيون نه هونديون هيون، ڏوهاري جيڪي چوندا هئا اهو ڪري به ڏيکاريندا آهن پر ان معاملي ۾ پوليس  پاران ڪا به اڳڀرائي ٿيندي اسان کي نظر ڪانه آئي.

پوليس جي مجرماڻي خاموشي  وقت گذرڻ سان نهايت ئي خطرناڪ بڻجي سامهون اچي رهي آهي، جو ڌاڙيل هاڻ ديده دليري جي اهڙيون وارداتون ڪرڻ لڳا آهن جو سندن ان عمل مان رياستي رٽ مڪمل طور تي ختم ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، ۽ شهري پاڻ کي گهرن ۾ به غير محفوظ سمجهڻ لڳا آهن،جنهن سبب منجهن عدم تحفظ جو احساس تيزي سان پيدا ٿي رهيو آهي ۽ اهي مسلسل هڪ اڻ ڃاڻل خوف جو شڪار  رهڻ سبب نفسياتي مونجهارن جو شڪار ٿي رهيا آهن.

تازو ڏوهارين پاران هڪ ويڊيو وائرل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪجهه هٿيار بند رات هڪ مينهن چورائي  وڃي رهيا آهن، جيڪي اڳتي هلي ويڊيو رڪارڊ ڪري ڀاڳئي لاءِ پيغام ڇڏيو آهي ته اوهان جي مينهن اسان ڪاهي وڃي رهيا آهيون جيڪڏهن اوهان پنهنجي مينهن واپس ورائڻ چاهيو ته ڀنگ جا پئسا ڏئي اسان کان واپس وٺي سگهو ٿا. ان کان اڳ ۾ ڪشمور واسي واپاري نوجوان راجيش ڪمار ڪيسواڻي کي هٿياربند ڏينهن ڏٺي جو موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي اچي کيس پنهنجي آفيس مان اغوا ڪري کڻي ويا، جنهن جي پڻ ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هٿياربند مٿس تشدد ڪندي ۽ کيس زنجيرن ۾ هٿ پير جڪڙيل ڏٺا ويا. پر ڪشمور پوليس تحرڪ ۾ اچڻ بدران روايتي خاموشي اختيار ڪري ڪو ٻيو واقعو ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي تان جو  هٿياربند ٻيهر ڪشمور شهر اچي ميڊيڪل اسٽور هلائيندڙ کوسا برادري جي نوجوان علي حسن کوسي کي پڻ ڏينهن ڏٺي جو اغوا ڪري کڻي ويا.مزي جي ڳالهه ته اها آهي جو  ڌڙيلن اها واردات 45 آر ڊي تي واقع پوليس چوڪي جي بلڪل ئي ويجهو ڪئي آهي. جنهن کي پنج ڏينهن کن گذري چڪا آهن پر ان سلسلي ۾ پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو به ناهي ڪيو. معلوم ٿيو آهي ته پوليس مغوي جي وارثن کي  اهو ڏس ڏئي رهي آهي ته اوهان کي نوجوان کي فلاڻي برادري جي ڌاڙيلن اغوا ڪيو آهي، ان لاءِ پنهنجي نوجوان جي بازيابي لاءِ راڄوڻي طور ڪوشش ڪريو. ان لاءِ مغوي نوجوان جون وارث عورتون ڄاڻايل برادري جي مختلف ڳوٺن ڏانهن  پاڪ ڪتاب کڻي ويون آهن پر ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود کين ڪنهن به نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جي خاطري ناهي ڪرائي. اهڙي طرح ڪمون شهيد جي ڳوٺ سونو خان چاچڙ جو رهواسي جيڪو  شگر مل تي ڏهاڙي جي حساب سان مزدوري ڪندو آهي، ڌاڙيلن کيس صبح جي وقت ڪم تي ويندي اغوا ڪري کڻي ويا.

پوليس جي ان عمل مان ڪٿي به نٿو لڳي ته ملڪ ۾ ڪو ”راڻو راڻي“ آهي، هر پاسي لاقانونيت جو راڄ نظر اچي رهيو آهي، ادارا پنهنجي بالادستي وڃائي چڪا آهن، جنهن جو کين اعتراف ڪرڻ گهرجي. اهو ئي سبب آهي جو ڌاڙيل رات جي بدران ڏينهن جو وارداتون ڪرڻ کي ترجيح ڏيڻ لڳا آهن، ڇاڪاڻ ان جو ويساهه آهي ته پوليس اسان جي ڪم ۾ رنڊڪ نه وجهندي. ان لاءِ ئي  ته نه اسان جا روڊ رستا محفوظ آهن نه ئي شهر. ڏينهون ڏينهن ڌاڙيل جو ڏاڍ وڌندو وڃي ٿو، جيڪي جنهن کي وڻين ماري ڇڏين جنهن کي وڻين اغوا ڪري وڃن. فيضو لاڙو جتي تازو مير غالب حسين ڊومڪي تي حملو ٿيو آهي، دراصل اها ڦر جي واردات ئي آهي، اها واردات ڪا ورلي ناهي بلڪه فيضو لاڙي وٽان روز جي بنياد جي ڪيترين ئي ماڻهن کي ڦريو ۽ لٽيو وڃي ٿو. پر اها ڳالهه منظر عام تي ان لاءِ آئي ڇاڪاڻ ته اهو هڪ غير معمولي واقعو آهي، جنهن ۾ ٻن گارڊن سميت هڪ ڦورو پڻ مارجي ويو آهي. جڏهن ته مير غالب حسين ڊومڪي ۽ سندس ونيءَ جي زخمي ٿيڻ جا پڻ اطلاع مليا.

سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني جي صورتحال نهايت ئي خطرناڪ رخ اختيار ڪري رهي آهي، جنهن ۾ گهرو ويڙهه جا امڪان پڻ چٽا ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، جنهن جو مثال نندواڻي – مزاري ۽ ڊومڪي – ميراڻي وغيره آهي. جنهن ۾ ڌريون ڦر ۽ اغوا جي وارداتن بعد ردعمل ۾ هڪ ٻئي جا ماڻهو اغوا ڪري رهيون آهن.  ان لاءِ ان خطرناڪ صورتحال کان بچڻ ۽ ڏوهارين کي منهن ڏيڻ لاءِ امن و امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويل ضلعي پوليس آفيسر کي فورن هٽائي سندن جاءِ تي تجربيڪار، ايماندار ۽ بهادر پوليس آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي ته کانئن بهتر نتجي جي اميد ڪري سگهجي ٿي.

 

سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني جي صورتحال نهايت ئي خطرناڪ رخ اختيار ڪري رهي آهي، جنهن ۾ گهرو ويڙهه جا امڪان پڻ چٽا ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، جنهن جو مثال نندواڻي – مزاري ۽ ڊومڪي – ميراڻي وغيره آهي. جنهن ۾ ڌريون ڦر ۽ اغوا جي وارداتن بعد ردعمل ۾ هڪ ٻئي جا ماڻهو اغوا ڪري رهيون آهن.  ان لاءِ ان خطرناڪ صورتحال کان بچڻ ۽ ڏوهارين کي منهن ڏيڻ لاءِ امن و امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويل ضلعي پوليس آفيسر کي فورن هٽائي سندن جاءِ تي تجربيڪار، ايماندار ۽ بهادر پوليس آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي ته کانئن بهتر نتجي جي اميد ڪري سگهجي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.