سنڌ ۾ ڪجهه عرصو اڳ اها مايوسي پکيڙڻ جي ڪوشش ٿي هئي ته سنڌ جي عوامي جمهوري قومي جدوجهد ڪي نتيجا ڏئي نه سگهندي. پنجاب زبردستي چولستان ڪئنال ڪڍي ويندو پر هن جديد دور ۾ سنڌي سماج جي باشعور ماڻهن جو اڃان رد عمل ئي مس ڏنو آهي ته حڪومت حڪمران ڌرين ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي. سنڌ جي سياسي قوتن جي مسلسل احتجاج جنهن کي ٽي مهينا مڪمل ٿيڻ وارا آهن حڪمران طبقن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن سنڌ جي عوامي جمهوري قومي طبقاتي تنظيمن احتجاج ڪيا آهن.
تازو عوامي تحريڪ جي ڪانفرنس جيڪا اسلام آباد ۾ ٿي ان پنجاب ۾ به هن معاملي جي حساسيت کي اجاگر ڪيو ويو خاص طرح سنڌي پرنٽ ميڊيا عوامي آواز جهڙن ادارن سنڌ جي عوام جي نمائندگي ڪئي هاڻ هي معاملو ملڪي عالمي سطح تي پهچڻ وارو آهي، اها زبردست ڪاميابي آهي. سانا سميت مختلف عالمي فورمن جو به هتي اهم ڪردار آهي، انهيءَ سلسلي ۾ مفصل احوال به رکڻ گهرجن ته جيئن اسان کي پنهنجي طاقت جو اندازو ٿي سگهي. هن حوالي سان سنڌ جي ٻارن وڪيلن جي خاص جدوجهد کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي
سانا ڪانفرنس هن حوالي سان اهم رهي جنهن جو وچور اسان سمجهون ٿا ته پنجاب ۽ وفاقي حڪومتون ساڳئي ھيٺ سنڌ جي مفادن خلاف ڪم ڪري رھيون آھن، جنھن ڪري سنڌ کي 1991 جي پاڻيءَ واري معاهدي مطابق سنڌو درياھ مان ان جي ڀاڱي جو پاڻي نٿو ملي.“اها ڳالهه ’سنڌي ايسو سي ايشن آف نارٿ امريڪا (سانا)’ جي سرپرستيءَ ھيٺ پوئين هفتي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيل سنڌ واٽر ڪانفرنس ’درياھ کي وھڻ ڏيو’ جي ھڪ منظور ٿيل ٺهراءَ ۾ چئي وئي، جيڪا ’سانا’ جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر وليد شيخ پڙھي ٻڌائي.
ڪانفرنس ۾ سڄيءَ سنڌ مان ڪھي آيل سياستدانن، پاڻيءَ جي ماھرن ۽ انجنيئرن پنھنجا مقالا پيش ڪيا ۽ ”گرين انيشئيٽو“ ھيٺ سنڌو درياھ مان نڪرندڙ ڇھن واھن جي اڏڻ کي ’’سنڌ جي بربادي’’ قرار ڏيندي، وفاق کان گهُر ڪئي وئي ته انھن ڪينالن وارو منصوبو رد ڪري درياھ ۾ 1991 واري پاڻيءَ جي ٺاھ مطابق پاڻي ڇڏيو وڃي، ته جيئن اھو ’انڊس ڊيلٽا’ تائين پھچي سگهي.
ٺھراءَ ۾ سنڌ جي پاڻيءَ جي مبينا روڪ جي خلاف جوڳا اپاءَ وٺڻ ۽ سنڌ جي جائز حصي واري پاڻيءَ جي آڊٽ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
سياست دانن ۽ ٽيڪنيڪل ماھرن سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ ڏھاڪن کان موجود پاڻيءَ جي ورڇ بابت تڪرار جو ذڪر ڪندي، پنجاب جي مبينا ’’ويساھ گهاتين’’ ۽ ’’پاڻي جي چوريءَ’’ جو ذڪر ڪيو. مقررن چيو ته ’’درياھ جو پاڻي انڊس ڊيلٽا تي نه پھچي سگهڻ ڪري، لکين ايڪڙ زرعي زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي، جڏھن ته ڊيلٽا جا لکين رھواسي لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي پيا آھن’’.انھن پاڪستان پيپلز پارٽي جي ليڊرشپ تي به تنقيد ڪئي، جنھن سنڌ حڪومت ۽ وفاقي سرڪار ۾ ھوندي ڪينال اڏڻ واري ان منصوبي جي منظوري ڏني ۽ انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) جي قانون ۾ ترميمون ڪري سنڌ جو ڪيس ڪمزور ڪيو. ھنن مطابق، ڇھن ڪينالن جي منظوري واري منصوبي تي ملڪ جي صدر آصف علي زرداري، جيڪو پ پ جو اڳواڻ به آھي، صحيون ڪيون ھيون.سياستدانن ۽ ماھرن سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمين ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ جي پروگرام کي به رد ڪندي سرڪاري زمين بي زمين ھارين ۾ ورھائڻ جي گهُر ڪئي.
پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙي پنھنجي پارٽيءَ جو موقف پيش ڪندي چيو ته ھاڻوڪي سنڌ اسيمبلي ڇھن ڪينالن جي اڏاوت خلاف قرارداد منظور ڪئي آھي. ھن چيو ته ماضيءَ ۾ به پ پ سنڌو نديءَ جي پاڻيءَ جي چوريءَ خلاف آواز اٿاريندي رھي آھي. اڳوڻي وزير اعظم بينظير ڀٽو ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جي خلاف ڪيل مظاھرن ۾ شرڪت ڪري ان اسڪيم کي ختم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو هو. ھن چيو ته ’’آئيني اداري گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس نه ٿو گهُرايو وڃي، جنھن سبب سنڌ دشمن منصوبا ڳُجھه ڳوھ ۾ ڪيا پيا وڃن، جيڪو غير آئيني ۽ غيرقانوني عمل آھي’’.
سنڌي قوم پرست سياست دان ڊاڪٽر قادر مگسيءَ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن تي تنقيد ڪندي چيو ته پاڻيءَ جي مسئلي تي سنڌ جي ٻن وڏين اقتداري ڌرين جو ڪردار ”سنڌ دوست“ ناھي. سول سوسائٽي جي اڳواڻ ۽ ليکڪ انجنيئر نصير ميمڻ پنھنجي پريزنٽيشن ۾ 6 ڪينالن جي اڏوت جا تفصيل پيش ڪيا. ھن چيو ته پنجاب در اصل ’گريٽر چولستان ڪينال’ اڏي چولستان جي 6 لک 65 ھزاز ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ گهُري ٿو. ’’باقي پنج ڪينال اصل حقيقت لڪائڻ لاءِ شامل ڪيا ويا آھن. ھن چيو ته پنجاب پاران سدائين واڌو پاڻيءَ بابت غلط انگ اکر پيش ڪيا ويندا آھن.“
ماحوليات ۽ انساني حقن جي اڳواڻ ۽ پ پ (شھيد ڀٽو) جي مرحوم اڳواڻ مير مرتضي ڀٽو جي پٽ ذوالفقار ڀٽي جونيئر چيو ته سنڌو درياھ تي ڪينال اڏڻ سان نه رڳو سنڌ جون زمينون برباد ٿينديون، پر صوبي جي ماحول تي به تمام خراب اثرپوندا. درياھ ۾ گڊو ۽ سکر بيراجن جي وچ ۾ موجود انڌي ٻُلھڻ (انڊس ڊولفن) جي نسل جي لاءِ به خطرو پيدا ٿيندو.ٻين خطاب ڪندڙن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو اڳواڻ جگديش اھوجا، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ بخشل ٿلھو، عوامي تحريڪ جو وسند ٿري، ٽيڪنيڪل ماھر سينيئر وڪيل محمد خان شيخ، شبينا فراز، ابرار قاضي، سيد لال شاھ، احسان لغاري ۽ ٻيا شامل ھئا، جن سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب پيش ايندڙ ڏکيائين جي ماحول ۽ اقتصاديات تي ناڪاري اثرن جو ذڪر ڪيو.
ڪانفرنس جي شروعات ۾ سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽي چيو ته ’’پرڏيهھ ۾ رھندڙ سنڌي سنڌو درياھ سان ٿيندڙ زيادتين تي ڳڻتيءَ ۾ آھن’’. ھن چيو ته ’’ھن ڪانفرنس جو مقصد درياھ تي ٺهندڙ ڇهن ڪينالن بابت سنڌين جي ڳڻتيءَ بابت سرڪاري ۽ پرڏيھي ادارن ۽ ميڊيا کي آگاھ ڪرڻ آھي. حقيقت اها آهي ته سموري سنڌ ان جي هر فورم جي هي ڪاميابي آهي ته سڄي دنيا ۾ هي سنڌ جو پاڻي ڪيس زبردست اهميت اختيار ڪري رهيو آهي.