ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر راجپوت تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي مقرري جي خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، عدالت درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، درخواستگذار ابراهيم سيف الدين ايڊووڪيٽ جي وڪيل چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان جي مقرري جي دوران ٻه سينئر ججن کي سپر سيڊ ڪيو ويو آهي، سينئر ترين جج کي چيف جسٽس جي عهدي تي مقرر ٿيڻ گهرجي، اسپيشل پارلياماني ڪميٽي ٻه ججن کي بائي پاس ڪيو، جسٽس ظفر راجپوت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته قانون ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جي مقرري جو طريقي ڪار موجود آهي، جيڪي پاڪستان ٺاهڻ کان پهرين هو، پاڪستان جي آئين بدلي ڪئي وئي اوهان پارليمنٽ جي قانون کي چيلنج ڪري سگهو ٿا، عدالت چيو ته اوهان اسان کي قانون ٻڌايو ڪهڙي هنڌ لکيو ويو ته سينيئر ترين جج کي مقرر نه ڪرڻ جي سبب ٻڌايو، عدالت چيو ته اوهان آئين جي آرٽيڪل 175(3)ٻيهر پڙهو، ججن کي ڊراپ ڪرڻ جي وجهه اوهان ٻڌي هوندي، چيف جسٽس آف پاڪستان جي لاءِ آئين جي آرٽيڪل ۾ ڪهڙي ڳالهه نه آهي .
اسٽيبلشمينٽ کي خوش ڪرڻ لاءِ شهبازشريف،نوازشريف جا ڪيل فيصلا واپس وٺڻ لڳو؟
اسلام آباد(اعزاز سيد)وزيراعظم شهبازشريف پنهنجي ڀاءُ نوازشريف جي کنيل فيصلن جي ابتڙ فيصلا ڪرڻ لڳو،نوازشريف جو اسٽيبلشمينٽ سان ايوي ايشن ڊويزن کي دفاع وزارت کان الڳ ڪرڻ تي سڀ کان پهرين اختلاف ٿيو هو، مشرف جي ٽرائل،راحيل شريف کي ايڪسٽينشن نه ڏيڻ،ٽوئيٽ،نريندر مودي جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت تان اختلاف ته بعد ۾ ٿيا،گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ايوي ايشن ڊويزن کي دفاع وزارت جو ٻيهر حصو بڻائڻ جي ايجنڊا شامل هئي، ان معاملي تي واپار ۽ ناڻي وزارتن کي اعتراض هئا پر اجلاس ۾ ڪنهن به خدشو ظاهر نه ڪيو،ايوي ايشن دنيا ۾ ڪٿي به دفاع وزارت جي ماتحت ناهي هوندي،هتي اها توجيهه پيش ڪئي وڃي ٿي ته اوڀر پاڪستان کان فوجين کي پي آءِ اي کڻي آئي هئي ان ڪري ايوي ايشن کي دفاع وزارت جو حصو بڻايو وڃي،اي ايس ايف ۽ سول ايوي ايشن ۾ ميجرجنرلن ۽ برگيڊيئرن جي هڪ فوج ڀرتي ڪيل آهي،بس مٿي رڳو هڪ سويلين چهرو مواصلات وارو وزير ويٺل آهي،ايوي ايشن جو ڪم ڪمرشل فلائيٽون هلائڻ آهي،اتي توهان جنرل،بريگيڊيئر ۽ ڪرنل ويهاري ڇڏيا آهن،