ڪراچي(رپورٽر)اڳوڻي صدر عارف علوي چيو آهي ته 9 مئي واري معاملي تي جيڪڏهن ظلم ئي ڪرڻو آهي ته پوءِ ڳالهين ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ جا معاملا اسان کي پاڻ کي درست ڪرڻا آهن، ٽرمپ پنهنجي ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ ڊيپ اسٽيٽ جي مداخلت نٿو چاهي.عارف علوي چيو ته پاڪستان اهم ملڪ آهي، اسان کي جمهوريت ذريعي تبديلي آڻڻي آهي، معيشت سميت ڪنهن به شعبي ۾ بهتري ناهي آئي، وچ اوڀر مان سيڙپڪاري جا خواب ڏيکاريا ويا هئا جيڪي پورا نه ٿيا آهن. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته غريب وڌيڪ غريب ٿي ويو آهي، اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، حڪومتون تبديل ٿيڻ سان ملڪ کي 50 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي.اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته جي ڊي پي گروٿ 6 مان گهٽجي 3 سيڪڙو کان به گهٽ ٿي وئي آهي، حڪومت وٽ پنهنجو ڊي سي مقرر ڪرڻ جو به اختيار ناهي.