ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جوز بٽلر چيو آهي ته هو افغانستان ڪرڪيٽ جي بائيڪاٽ کي ” صحيح رستو “ نه ٿو سمجهي.
ايندڙ مهيني آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ انگلينڊ ۽ افغانستان جي ٽيمن وچ ۾ ميچ لاهور ۾ 26 فيبروري تي شيڊيول آهي.
ڪولڪتا ۾ ڀارت خلاف پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز کان اڳ پريس ڪانفرنس دوران جوز بٽلر چيو ته اهڙين سياسي حالتن ۾ هڪ رانديگر جي حيثيت سان اوهان پاڻ کي جيترو ٿي سگهي آگاهه رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو.
هن چيو ته ماهر ان معاملي بابت وڌيڪ ڄاڻن ٿا، ان ڪري مان اي سي بي مينز مينيجنگ ڊائريڪٽر روب ڪي ۽ ٻين ذميوار عملدارن سان رابطي ۾ آهيان ۽ مونکي نٿو لڳي ته بائيڪاٽ هن مسئلي جو صحيح حل آهي.
هن وڌيڪ چيو ته رانديگر هن مسئلي بابت گهڻي پريشاني يا دٻاءُ ناهن ۽ ماهرن جي رهنمائي تي عمل ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته هڪ رانديگر جي حيثيت سان توهان چاهيو ٿا ته سياسي مسئلا راندين کي متاثر نه ڪن. اسان چاهيون ٿا ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت ڪريون ۽ هن ۽ اميد آهي ته افغانستان خلاف چيمپيئنز ٽرافي ميچ شيڊيول موجب ٿيندي.
واضح رهي ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ افغانستان خلاف ميچ کان اڳ، 160 کان وڌيڪ برطانوي سياستدانن انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ کي اپيل ڪئي هئي ته هو عورتن جي حقن جي لتاڙ تي طالبان حڪومت خلاف سخت قدم کڻي ۽ افغانستان خلاف ميچ جو بائيڪاٽ ڪري.
انگلينڊ ۽ افغانستان جو ميچ 26 فيبروري تي لاهور ۾ شيڊيول آهي، سياستدانن جو مطالبو آهي ته اها ميچ لاهور ۾ نه کيڏي وڃي ۽ طالبان کي سخت پيغام ڏنو وڃي ته انساني حقن جون ڀڃڪڙيون برداشت نه ڪيون وينديون.
ليبر پارٽي جي ميمبر ٽونيا انٽونياٽزي جي لکيل خط تي ريفارم پارٽي جي اڳواڻ نائجل فراج ۽ ليبر پارٽي جي اڳوڻي سربراهه جيرمي ڪوربن سميت ڪيترن ئي سياستدانن ڪيون هيون.