سنڌ ۾ موٽروي نه ٺهڻ جي پ پ به ذميوار آهي: عليم خان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته سنڌ ۾ موٽروي نه ٺهڻ جي پ پ به ذميوار آهي. سينيٽ  ۾ خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته حڪومت ڪراچي کان سکر تائين گرين فيلڊ موٽر وي ٺاهڻ جو ارادو رکي ٿي، حيدرآباد سکر موٽر وي سيڪشن جي تفصيلي ڊيزائن ۽ نظرثاني ٿيل لاڳت جو تخمينو اڳ ئي مڪمل ڪيو ويو آهي، مان واعدو  ڪريان ٿو ته 2025ع ۾ ايم سيڪس موٽر وي شروع ٿي ويندي.هن چيو ته هي موٽر وي رڳو حيدرآباد تائين نه پر ڪراچي تائين وڌايو ويندو، ٻڌايو وڃي ته گذريل 4 حڪومتون ڪهڙيون پارٽيون هيون، پهرين پ پ ۽ پي ٽي آءِ کي پنهنجي دور جو جواب ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پوءِ مسلم ليگ (ن) به حساب ڏيندي، پنهنجي 6 مهينن جي وزارتي دور جو حساب ڏيندس. عبدالعليم خان جي پيپلز پارٽي بابت بيان تي پ پ ميمبرن احتجاج ڪيو. عليم خان چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي 5 سالن جي ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي پنجن سالن جو حساب ڏئي. وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پنهنجي ڪابينا جي ساٿي عبدالعليم خان جي بيان تي معافي وٺي ڇڏي آهي. پيپلز پارٽي اسان جي اتحادي پارٽي آهي، جيڪڏهن عبدالعليم خان جي لفظن سان ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته ان کان پوءِ عبدالعليم خان پيپلز پارٽي جي ميمبرن کان به معافي گهري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.