ڪئنال ڪڍڻ سان لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي ويندي:زين شاهه

مقصودورند(ن ع آ)پيپلزپارٽي اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جون زمينون وڪڻي ڇڏيون آھن  سنڌو درياء مان ڪينال ڪڍڻ سان سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي وينديون ۽ ڪروڙين ماڻھو متاثر ٿيندا،اھڙو اظھار سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه زين شاھ مقصودو رند لڳ ڳوٺ جلال خان رند ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل نيشنل پريس ڪلب مقصودو رند جي متحرڪ صحافي احسان علي رند جي وارثن سيٺ مير رند،رحيم خان رند سان تعزيت ڪندي ڪيو ھن وڌيڪ چيو ته ڪينال ڪڍڻ جو  ھي ھڪ ڊگھو منصوبو آهي،سنڌو درياهه اسان جو جياپو آھي جيڪڏھن سنڌو اسان کان کسجي ويو ته ايندڙ نسل اسان کي معاف نه ڪندا ان موقعي تي الطاف حسين رند ، مختيار حسين رند، وسيم شوقين رند ، ذاڪر حسين رند، ولي محمد ڏاھري ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.