ڪراچي: وڏي وزير جا اوچتا دورا،اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار معطل

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه صبح جو اوچتو گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سان گڏ ڪياماڙي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۽ رسالا ماڊل پوليس ٿاڻي جي اوچتو ڪيو، دوري دوران غير حاضر رهندڙ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ هڪ مختيارڪار کي معطل جڏهن ته هڪ سب رجسٽرار کي بريفنگ نه ڏيڻ تي هٽائڻ جو حڪم ڏنو. هن پوليس کي هدايت ڪئي ته شهرين جي حفاظت ۽ تحفظ کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي،ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ وڏي وزير ڏٺو ته ڪيترائي آفيسر غير حاضر هئا جڏهن ته مقامي ماڻهو مدد جي انتظار ۾ بيٺا هئا. جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر (روينيو) نواز ڪلوڙ، اسسٽنٽ ڪمشنر ماڙيپور محمد ياسين ۽ مختيارڪار مير محمد نواز ٽالپور ڊيوٽي تي نه آيا هئا. ڊوميسائيل آفيس جي دوري دوران وڏي وزير مراد علي شاهه ڊوميسائيل جاري ٿيڻ جي انتظار ۾ بيٺل نوجوانن سان ملاقات ڪئي. خبر پئي ته سندس ڊوميسائل جي پروسيسنگ مڪمل ٿي چڪي هئي پر هو غير حاضر اسسٽنٽ ڪمشنر جي صحيحن جو انتظار ڪري رهيا هئا. وڏي وزير گڏاپ ٽائون سب رجسٽرار 2 جي آفيس جو پڻ معائنو ڪيو. ڊيوٽي تي موجود سب رجسٽرار عبدالنبي لاشاري وڏي وزير کي پنهنجي آفيس جي معاملن بابت آگاهي ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو جنهن تي وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ کيس واپس بورڊ آف روينيو ڏانهن منتقلي جو آرڊر ڏنو. رساله پوليس ٿاڻو: وڏي وزير، گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سان گڏ رسالا پوليس اسٽيشن جو به اوچتو دورو ڪيو جتي هن حاضري رجسٽر چيڪ ڪيو، ٿاڻي جو جائزو ورتو ۽ ماڊل پوليس ٿاڻي جي سهولتن جو جائزو ورتو. معائني دوران وڏي وزير ڏٺو ته پوليس ٿاڻي ۾ 100 اهلڪار هجڻ گهرجن ها پر رڳو 30 اهلڪار ڊيوٽي تي هئا. ايس ايس پي سٽي وضاحت ڪئي ته 100 اهلڪارن مان 85 پوليس ٿاڻي تي مقرر آهن وڏي وزير گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته فنڊ جاري ٿيڻ باوجود وومين پوليس اسٽيشن جي تعمير ڇو مڪمل نه ٿي سگهي، ان جي جاچ ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.