ڪراچي مان نينگري مبينا طور اغوا، ڪيس داخل

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال مان 15 ورهين جي نينگري کي مبينا طور اغوا ڪيو ويو. پوليس موجب  نينگري جي پيءُ جي فرياد تي گلشن اقبال ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، وارثن موجب نينگري 17 جنوري جي رات گم ٿي هئي.پوليس موجب نينگري جي پيءُ سڪيورٽي گارڊ جي نوڪري ڪندڙ شخص مٿان سندس ڌيءَ کي اغوا ڪرڻ جو  الزام هنيو آهي.  پوليس موجب سڪيورٽي گارڊ مٽياري جو رهواسي آهي ۽ سندس ڪرمنل رڪارڊ موجود آهي، پوليس موجب گم ٿيل نينگري جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.