ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ ٻارن جي گم ٿيڻ جو هڪ ٻيو واقعو پيش آيو، اورنگي ٽائون جي علائقي فرنٽيئر ڪالوني مان 2 ٻارڙا گم ٿي ويا آهن، پوليس اختيارين موجب پير آباد جو رهواسي 14 ورهين جو مبشر 11 جنوري تي گم ٿيو هو. مبشر مدرسي ڏانهن وڃڻ لاءِ گهران روانو ٿيو پر مدرسي نه پهتو.اختيارين جو چوڻ آهي ته فرنٽيئر ڪالوني جي رهواسي 10 ورهين جي ايان 17 جنوري تي گم ٿي ويو آهي ، ايان جوذهني درست نه هو ۽ هو گهر کان ٻاهر هلي ويو هو، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ٻنهي ٻارڙن جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.