لاس اينجلس جنگ سٽيل ڏيک ڏيڻ لڳو، 250 ارب ڊالر نقصان

لاس اينجلس (م ڊ) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ لاس اينجلس ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي ٻيلن ۾ لڳل باهه سبب فوتگين جو انگ 24 ٿي ويو جڏهن ته 16 لاپتا آهن ۽ فائر ڊپارٽمينٽ خدشو ظاهر ڪيو ته ان تي ضابطي جون ڪوششون تيز هوائن سبب متاثر ٿي سگهن ٿيون. لاس اينجلس ۾ هر پاسي تباهي نظر اچي ٿي، 37 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي باهه جي وڪڙ ۾ آهي. باهه پکڙجڻ بابت ريڊ فليگ وارننگ وڌيڪ 2 ڏينهن جاري رهندي. لاس اينجلس ۾ ٽن هنڌن تي باهه ڀڙڪيل آهي جن مان سڀ کان وڏي پيليسيڊر فائر تي 13 سيڪڙو تائين ضابطو اندو ويو آهي. ڏکڻ ڪيليفورنيا ۾ ٻيل جي باهه شهر جي ڪجهه محلن کي اهڙو بڻائي ڇڏيو آهي جيئن جنگ سٽيل علائقا هوندا آهن. زمين تي بجلي جا پل ۽ تارون به ڪريل آهن. لاس اينجلس ۾ مدد لاءِ ڪيليفورنيا نيشنل گارڊ جا وڌيڪ هڪ هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا. هاڻي اتي 2500 فوجي سرگرم آهن جيڪي ماڻهن کي محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪن پيا. هن وقت تائين اربين ڊالرن جون 1200 عمارتون رک ٿي چڪيون آهن. نقصان جو ڪاٿو 250 ارب آمريڪي ڊالر لڳايو ويو. باهه ڀڙڪڻ جو سبب تيز هوائن ۽ خشڪ موسم کي قرار ڏنو ويو. برسات نه پوڻ به اهم سبب قرار ڏنو ويو. 7 آمريڪي رياستن جا فائر فائيٽر، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو جي ٽيمن سان گڏجي باهه تي ضابطي جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. لاس اينجلس ۾ باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ جهاز باهه تي گلابي رنگ جو پاڻياٺ هاري رهيا آهن. ان پاڻياٺ ۾ نمڪيات، ڪيميڪل ۽ ڀاڻ هوندو آهي جنهن ۾ امونيم فاسفيٽ مليل هوندو آهي. باهه سبب هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو لڏڻ تي مجبور آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.