ڦورو مرضي جو هجي، پاڪستان ۾ ائين ئي ٿيندو رهندو

اسلام آباد (رئوف ڪلاسرا) حڪومت ايڏي پراعتماد ڇو آهي، 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا جج کي ٻڌائڻي آهي، فيصلو حڪومت ٻڌائي رهي آهي. ان سان ته اوهان اڳ ئي ماڻهن کي شڪ ۾ وجهي ڇڏيو ٿا. ائين ته پوءِ عدليه ۽ حڪومت سڀ مليل آهن.  هڪ ڳالهه اها هوندي آهي ته ڦورو مرضي جو هجي ۽ ڦرلٽ ڪري جيڪڏهن مرضي جو ڦورو ناهي هوندو ته پوءِ رينگٽ ڪيو ويندو آهي.  ملڪ رياض اسان ۽ اوهان جي لاءِ ائين ڇو نٿو ڪري جيئن هن پي ٽي آءِ لاءِ ڪيو؟ توهان ان کي ائين چوندا ته هو هر هڪ کي ڪرپٽ ڪندو آهي ته اوهان کي ان حوالي سان محتاط رهڻ گهرجي. اوهان کي وزيراعظم طور اهي شيون نه وٺڻ گهرجن ها ڀلي کڻي هو اوهان کي مفت ۾ ڏئي رهيو هو. هيري جون منڊيون، سون، روڪ، زمينون ۽ ٻيون شيون ٽرسٽ لاءِ نه وٺڻ گهرجن ها. اوهان پنهنجي طور گرانٽ منظور ڪرائي وٺو ها يا پنهنجي پيسن مان ٺاهيو هو. جڏهن به ملڪ رياض سان ڪو لاڳاپي ۾ ايندو آهي ته ان تي سوال اٿندا آهن اهڙا سوال عمران خان پاڻ ٻين لاءِ اٿاريندو رهيو آهي. هاڻي چئو ٿا ته اسان شاگردن لاءِ ڪيو هو سڀ ڪجهه. ان کانپوءِ 190 ملين پائونڊ لنڊن مان آيا جن کي ڳجهو رکيو ويو. عمران خان لاءِ اهو هاڃيڪار آهي، ڀلي کڻي تحريڪ انصاف وارا نه مڃين.اوهان آصف زرداري ۽ نواز شريف جي به خلاف آهيو. سڀني تي اوهان آڱريون کنيون ۽ چيو ٿا ته مان ئي اڇو آهيان، اڇو ماڻهو اهڙا ڪم ناهي ڪندو. اڳ به عمران خان تي ڪيس ٿيا جيڪي ختم ٿيا. هي به ختم ٿي ويندا. سڀني تي ڪيس ٿيندا آهن ۽ سڀني تي ختم ٿي ويندا آهن. ڪڏهن نواز شريف، آصف علي زرداري ۽ شهباز شريف جي ماڻهن ثبوت هجڻ باوجود ڇا مڃيو آهي ته سندن اڳواڻن ڪا غلطي ڪئي هئي؟ هي پاڪستان اهڙو ئي آهي. هي ائين ئي هيو، ائين ئي آهي ۽ ائين ئي رهندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 14 جنوري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.