حڪمران سنجيده ٿي وڃن ته ڪجهه به ڏکيو ناهي: فضل الرحمان

ملتان (م  ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ مسلمانن جو سڀ کان وڏو دشمن  آهي، جيڪڏهن هو مسلمان ٿيندو ته سڀ چوندا ته اسان جو ڀاءُ آهي. قوميت جو نعرو هڻڻ وارا به پاڻ کي لبرل چوندا آهن. مولانا فضل الرحمان ملتان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چتو ته اسان کي لاڳيتو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، تعصب رکندڙن وٽ ڪجهه به ناهي. پارٽين ۾ اهي ڳالهيون ٿينديون آهن ته فلاڻو ڪنهن مفاد لاءِ آيو آهي، پر قوم کي ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪرڻي آهي. ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪري ناهي ڪري رهيو رڳو ٽوڙڻ جون ڳالهيون ٿين پيون. اسان جو هڪ پارلياماني ڪردار آهي ۽ آئين ۾ 26هين ترميم کڻي آياسين. مدرسن جي مسئلي تي اسان لاءِ ڏکيائي پيدا ڪئي وئي. جيڪڏهن حڪمران سنجيده ٿي وڃن ته ڪجهه به ڏکيو ناهي. پارا چنار بابت هن چيو ته پارا چنار ۾ ملڪيت جي جنگ هلي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.