مهانگائي تي ضابطو نه آيو ته ڪميٽين خلاف ڪارروائي ٿيندي: ڪمشنر ڪراچي

ڪراچي (رپورٽر) ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي  جي صدارت هيٺ غذائي شين جي اگهن بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪمشنر ڪراچي پرائيس ڪنٽرول ڪميٽين جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ترجمان موجب هن چيو ته ڪميٽيون عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام آهن، مهانگائي ڪنٽرول نه ٿيڻ تي ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي. هن ايڊيشنل ڊائريڪٽرن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. سيد حسن نقوي چيو ته عوام کي فوري رليف ڏيڻ لاءِ پرائس ڪنٽرول لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.