گڏاپ (رپورٽ: ممتاز شيخ ) گڏاپ جي پٺتي پيل علائقي گهگهر ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪي پئي آهي چوريون ڦرون معمول بڻيل آهن گذريل رات جو ساڍي ستين وڳي موٽر سائيڪل سوار 3 هٿياربند ڦورن گهگهر بازار کي ڪڙو چاڙهي هڪ ڪلاڪ تائين ڦر ڪندي ايم اي ٽريڊرز محڪم الدين کهاوڙ جي هول سيل دڪان تان لکين روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ فياض اتيرو جي سيڌي جي دڪان تان لکين روپيا روڪ، ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل ۽ ٽي موبائيل فون، غلام محمد ڳوٺ ۾ فياض اتيرو جي ڀائٽي عارف علي اتيرو جي دڪان تان ڦر ڪئي ان دوران للڪارڻ تي هٿياربندن گولي هڻي نوجوان عارف اتيرو کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو پئي ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، ڦورن گهگهر جي سسئي پل وٽ ايزي لوڊ جو ڪم ڪندڙ ظهير عباس سومرو ۽ سندس دوست نعيم ملاح کي ڪار مان لاهي هزارين روپيا روڪ ۽ ٽي موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، گهگهر ۾ هڪ ڪلاڪ اندر ڦر جي چئن وارداتن ۽ هڪ نوجوان جي مارجڻ خلاف شهري فوتي جي چاچي قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ فياض اتيروجي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندا نڪري آيا ۽ گهگهر جي مک چوڪ تي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو. جڏهن ته گهگهر قومي شاهراهه تي لڳل ڌرڻو پوليس پاران 48 ڪلاڪن ۾ جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائڻ بعد 8 ڪلاڪن کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪري روڊ کوليو ويو، هوڏانهن فوتي نوجوان جو مڙهه سندس آبائي ڳوٺ نواب ولي محمد نوابشاهه ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.