لاهور (معظم فخر) ايوان صدر ۾ اهم ملاقاتن جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن ۾ رياست جي اهم سرگرم شخصيتن جي شرڪت جون خبرون هليون آهن. جنهن مان لڳي ٿو ته ڪنهن معاملي تي رياست پهچڻ واري آهي ۽ ان لاءِ سڀني ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي. ان ملاقات ۾ جڏهن وزارت داخلا، وزارت دفاع ۽ وزيراعظم آفيس ۽ صدر جو پٽ به موجود هجي ته پوءِ سمجهي سگجهي ٿو ته صورتحال ڪهڙي آهي. سو سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر ڪهڙا اهم معاملا آهن جنهن جي ڪري اهي ملاقاتون ٿي رهيون آهن. ٻي اهم خبر سائفر جي حوالي سان آهي ته عمران خان ان کي پڌرو ڪيو ۽ ان کي هڪ پوليٽيڪل ٽول جي طور تي استعمال ڪيو ۽ بي اعتمادي رٿ کي ڪامياب ڪرائيندڙ سڀني سياسي ڌرين کي دٻاءَ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اينٽي آمريڪن سينٽيمينٽ تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب به ٿيو. هن وقت لڳي ٿو ته ان سائفر واري معاملي کي ٻيهر اٿاريو ويندو. هاڻي فخر دراني هڪ خبر ڏني ته اسد منير جي ڊونلڊ لو سان ملاقات ٿي هئي اها ملاقات ٽي ڪلاڪ جاري رهي هئي اها ملاقات رڳو عمران خان جي يوڪرين جي دوري تي نه هئي پر ان جا 11 نقطا هيا. انهن نقطن ۾ انساني اسمگلنگ سميت ٻيا معاملا به شامل هئا. ان ملاقات ۾ رڳو ٻه نقطا عمران خان جي حوالي سان هئا هڪ سندس روس جي دوري بابت هيو ۽ سلامتي ڪائونسل ۾ يوڪرين تي حملي واري ووٽنگ ۾ پاڪستان جو لاتعلق رهڻ آمريڪا کي نه وڻيو هيو. ٻيو نقطو پاڪستان اندر سياسي تبديلين جي باري ۾ هيو ته آمريڪا ان کي گهري نظر سان ڏسي رهيو آهي. هاڻي ٽرمپ انتظاميه جي چارج وٺڻ واري وقت ۾ اهڙي خبر جو اچڻ معني خيز آهي. هن مهل تائين سائفر جي ڪاپي به گم آهي. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ۾ سائفر وارو معاملو وڃي ٿو ته امڪاني طور تي اصل ڪاپي اتي پيش ٿي سگهي ٿي. ٻئي پاسي ن ليگ ۽ پ پ ۾ مختلف اشوز تي اختلاف هلي رهيا آهن سو ايوان صدر ۾ ملاقات ۾ اسحاق ڊار، محسن نقوي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر به موجود هئا. ملاقات دوران ن ليگ ۽ پ پ ۾ اختلافن کي نبيرڻ تي به ڳالهيون ٿيون ۽ اسحاق ڊار کين يقين ڏياريو ته ساڻسن طئي ٿيل معاملا نڀايا ويندا. ان سان گڏ ڪابينه ۾ واڌ تي به ڳالهيون ٿيون ته بلاول ڀٽو نائب وزيراعظم ۽ فارين منسٽر طور شامل ٿي سگهي ٿو پر بلاول پاران انڪار ڪيو ويو.