ڪراچي (رپورٽر )وڏي وزير جي خاص مددگار عبدالجبار خان جي صدارت هيٺ سنڌ فوڊ اٿارٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ڪراچي جي سمورن ضلعن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.عبدالجبار خان چيو ته اسان عوام جا نمائندا آهيون ۽ عوام کي جوابده آهيون، خاص مددگار حڪم ڏنو ته نقصانڪار مصالحن جو استعمال نه رڳو ڪينسر پر ٻين موذي مرضن جو سبب بڻجي ٿو، فوڊ اٿارٽي جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن نه آهيان هر مهيني ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، هن چيو ته کليل ۽ نقصانڪار ڪوڪنگ آئل تي پابندي باوجود عوام کي ڪيئن وڪرو ڪيو پيو وڃي؟ اٿارٽي ڇا ڪري رهي آهي؟عبدالجبار خان چيو ته لائسنس جي طريقيڪار کي آسان ڪري فوري طور تي رجسٽريشن ڪئي وڃي، سمورن کاڌي پيتي جي شين جي ايڪسپائري ڊيٽ چيڪ ڪئي وڃي، هوٽلن ۽ ريسٽورنٽ ۾ گوشت، مڇي ۽ ٻين شين جي معيار کي چيڪ ڪيو وڃي.هن چيو ته هر گهٽي ۾ آر او پلانٽ لڳل آهن، ڇا سڀئي آر او پلانٽس لائسنس يافته آهن، آر او پلانٽ جو پاڻي عوام لاءِ فائديمند آهي يا نقصانڪار؟عبدالجبار خان آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو ته هن وقت تائين آر او پلانٽس جا ڪيترا نمونا چيڪ ڪيا ويا آهن، عبدالجبار خان چيو ته کير رڳو ڪراچي نه پر سنڌ جي ٻهراڙين مان به ڪراچي کي سپلاءِ ڪيو ويندو آهي، کير جي چڪاس لاءِ پوليس سان گڏجي سمورن داخلا پوائنٽن تي ناڪابندي ڪئي وڃي.۽ ساڳئي وقت کير جي نمونن جي جاچ ڪئي وڃي.
-
وزيراعظم پاران روينيو ڪيس جلد اڪلائڻ جي هدايت
اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ايف بي آر روينيو ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ لاءِ قدم کڻي، ملڪ ۽ قوم جي هڪ هڪ پائي جو تحفظ ڪنداسين، ٽيڪس نه ڏيندڙن کان ٽيڪس وصول ڪيو وڃي ۽ غريب عوام تي وڌيڪ ٽيڪس نه لڳايو وڃي، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ان لينڊ روينيو اپيليٽ ٽربيونلز ۾ سڌارن بابت اڳڀرائي بابت اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وزيراعظم عدالتن ۾ رڪيل روينيو ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي هدايت ڪئي، هن چيو ته اپيليٽ ٽربيونلز ان لينڊ روينيو ۾ عالمي معيار جي افرادي قوت کي مسابقتي پگهارن، مراعتن ۽ پيشه ورانه صلاحيتن جي بنياد تي مقرر ڪيو وڃي، وزيراعظم چيو ته ان ڪم ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، الله جي فضل سان ايف بي آر سڌارن تي ڪم تيزيءَ سان هلي رهيو آهي، ڪراچي ۾ تازو ئي في ليس اسيسمينٽ سسٽم شروع ڪيو ويو آهي، جديد خودڪار نظام سان ڪرپشن جو خاتمو ٿيو آهي ۽ ڪسٽم ڪليئرنس لاءِ گهربل وقت ۾ ڪافي حد تائين گهٽتائي آئي آهي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي ان لينڊ روينيو اپيليٽ ٽربيونلز جي سڌارن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو.
-
قومي اسيمبلي جو اجلاس ايندڙ هفتي گهرائڻ جو امڪان
اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جو اجلاس ايندڙ هفتي طلب ڪرڻ جو امڪان آهي، ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري طرفان طلبي جو سمن موصول ڪيو ويو ته اجلاس 13 جنوري تي ٿي سگهي ٿو، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق به سومر تي نجي دوري تان پرڏيهه مان واپس وطن پهچندو، مخالف ڌر جي ڳالهين واري ڪميٽي جي به اسپيڪر قومي اسيمبلي سان ملاقات جو امڪان آهي، ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ۽ رابطا ڪميٽي وچ ۾ ملاقات ۾ ڳالهين جو عمل ٻيهر شروع ڪرڻ جو شيڊول طئي ٿي سگهي ٿو.
-
پنجاب ۾ هاري دشمن پاليسي هلي رهي آهي: شيخ وقاص
پشاور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اطلاعات واري سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومتي عملن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پنجاب ۾ هاري دشمن پاليسي هلي رهي آهي. پشاور ۾ صوبائي ناڻي واري صلاحڪار مزمل اسلم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ جي اطلاعات سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم پنجاب حڪومت بابت چيو ته هي ماڻهو ڪوڙ ڳالهائڻ جا ماهر آهن. شيخ وقاص اڪرم چيو ته اسان جي دور ۾ 31 ارب ۽ 2024 ۾ 26 ارب ايڪسپورٽ ٿيا، 2022 ۾ غربت جي شرح 35 سيڪڙو هئي جڏهن ته سندس دور ۾ اها شرح 44 سيڪڙو آهي. هن چيو ته سندس دور ۾ وياج جي شرح ۾ به اضافو ٿيو، 408 ارب کان وڌيڪ خساري ۾ وڃي رهيو آهي، پي آءِ اي سميت سمورا ادارا سندس دور ۾ خساري ۾ وڃي رهيا آهن.
-
شايد حڪومت سان ڳالهين جو ٽيون دور آخري هجي: شوڪت يوسفزئي
پشاور(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت يوسفزئي خبردار ڪيو آهي ته حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور شايد آخري هجي، ڇاڪاڻ ته حڪومت سنجيده ناهي، حڪومت هاڻي بيڪ فوٽ تي هلي رهي آهي، پي ٽي آءِ جو باني اڳ ئي چئي چڪو آهي ته حڪومت وٽ اختيار ناهن، جيڪڏهن ان وٽ اختيار آهي ته عمران خان سان ڳالهين واري ڪميٽي ملاقات ڇو نه ٿي ڪرائي؟ سٺي ڳالهه آهي ته پي ٽي آءِ ڳالهين ذريعي حڪومت کي بي نقاب ڪيو، حڪومت ڳالهين کان ڊنل آهي، اسٽيبلشمينٽ کي هاڻي سمجهڻ گهرجي ته ن ليگ ۽ پ پ ملڪ تي بار آهن، ميڊيا تي شير افضل مروت ۽ سلمان اڪرم راجا وچ ۾ تڪرار ڏسي افسوس ٿيو، پارٽي جي سينيئر قيادت کي پارٽي اندر نظم و ضبط قائم ڪرڻ گهرجي.