ڪراچي (م ڊ) گورنر سنڌ چيو ته ڪراچي ۾ جيڪو به هيوي ٽريفڪ هلائيندو ان جو لائسنس به هتان جو هجڻ گهرجي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته ٽريفڪ حادثن ۾ ڊمپر شهرين کي چيڀاٽي رهيا آهن، شهر ۾ ٻن مهينن کان حادثا ٿي رهيا آهن، اڳ به آءِ جي سنڌ سان ڳالهه ٿي هئي، هاڻي ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي خط لکبو. ٻين صوبن جا ماڻهو ڪراچي ۾ هيوي ٽريفڪ هلائين ٿا، انهن کي ٽريفڪ وارا الف به به نٿا چون، هي هاءِ ويز جا ڊرائيور آهن، ڪجهه نشي جي حالت ۾ ڊرائونگ ڪن ٿا. آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ سختي ڪن. جنهن وٽ ڪراچي جو لائسنس نه هجي ان کي روڊ تي نه اچڻ ڏنو وڃي.