اسلام آباد (فخر دراني) خبرون آهن ته عمران خان ۽ بشري بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو 13 جنوري تي ٻڌايو ويندو ۽ امڪان طاهر ڪيو پيو وڃي ته عمران خان کي 10 ورهين کان 14 ورهين تائين جي سزا اچي سگهي ٿي.ظاهر ٿيل حقيقتن مطابق 458 ڪينال زمين ملڪ رياض کان حاصل ڪئي وئي هئي جنهن جي بدلي کيس بحريه ٽائون ڪيس ۾ رقم واپس ڏياري وئي هئي جڏهن ته عمران خان پاران 285 ملين روپيا به ورتا ويا هيا. ملڪ رياض کي سپريم ڪورٽ کي 460 ارب روپيا واپس ڪرڻا هئا جنهن جي فيور جي بدلي ۾ ملڪ رياض عمران خان کي القادر يونيورسٽي يا ٽرسٽ بڻائي ڏنو. بيرسٽر شهزاد اڪبر جيڪو ايسسٽ ريڪوري يونٽ جو سربراه هيو ۽ عمران خان جو ايڊوائزر به هيو هن 11 نو 2019 تي ڇه نومبر 2019 تي برطانيه جو دورو ڪيو ۽ اين سي اي سان هڪ ڊيل ڪئي ۽ پيسن ٽرانسفر ڪرڻ لاءِ جيڪو اڪائونٽ بينڪ جو ڏنو اهو سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار جو اڪائونٽ نمبر هيو ۽ اين سي اي سان غلط بياني ڪئي ته اهو پاڪستان سرڪار جو اڪائونٽ نمبر آهي پر هقيقت ۾ جيڪو ملڪ رياض کي سپريم ڪورٽ جو قرض ڏيڻو هيو ان جو اڪائونٽ نمبر هيو. اهي سڀ معاملا ڪورٽ ۾ ثابت ٿي ويا آهن ڪيس ۾ ذلفي بخاري، شهزاد اڪبر ۽ ملڪ رياض ۽فيملي سڀ اڪيوزڊ آهن.