حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي نائب صدر حورالنساءِ پليجو، ستار رند ۽ مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ڇهه نون ڪئنالن جا منصوبا عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن. نون ڪئنالن جو ڪم فوري طور روڪي، سنڌ کي سنڌ جي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. هنن چيو ته سنڌو درياهه جا وهڪرا بحال ڪرائڻ تائين عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجھد جاري رهندي. هنن چيو ته سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جي تحفظ لاءِ اڄ سانا طرفان ٿيندڙ پاڻي ڪانفرنس ۾ عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون وفد سميت شرڪت ڪندا. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي سنڌو درياهه وڪرو ڪيو آهي، سنڌ جو عوام پرامن جمهوري جدوجهد وسيلي پيپلز پارٽي جي سودي کي ناڪام بڻائي درياهه جو تحفظ ڪندو. اڳواڻن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضا ڪنهن به صورت ۾ برداشت جوڳا ناهن. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي ختم ڪري زمينون مقامي هارين کي ڏنيون وڃن. زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گهربل قدم کنيا وڃن.