حيدرآباد ( پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته ڪئنال منصوبو ملڪ جي لاءِ تباھي آڻيندو. وفاقي حڪومت آصف زرداري جي مدد سان ڪجهھ ڪمپنين کي خوش ڪرڻ لاءِ گرين انيشيٽو فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ دشمن سازش ڪئي آھي. ملڪ اڳ ۾ ئي سياسي ۽ معاشي بحران جو شڪار آھي. سنڌو تي ڌاڙا ۽ هن لکين ايڪڙ زمينن تي قبضا احساس محرومي کي جنم ڏيندا ۽ خطرناڪ بحران پيدا ٿيندو . اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ دشمن ڪئنالن خلاف اڄ ھٽڙي باءِ پاس حيدرآباد کان بيداري مارچ ڪري ميرپورخاص پريس ڪلب وٽ جلسي عام ڪيو ويندو، جنھن ۾ لکين ماڻھو شريڪ ٿيندا. سنڌ جو عوام سنڌو درياھه بچايو تحريڪ جو ساٿ ڏئي. حيدرآباد کان عمرڪوٽ تائين عوام بيداري مارچ جو استقبال ڪري ان ۾ شامل ٿئي. ھي رڳو آبادگارن يا ھارين جو مسئلو ناھي. درياھه لاءِ جدوجھد نسلن جي بقا جي جدوجھد آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته چولستان ڪئنال ٺھيو ته ڪراچي سميت وڏن شھرن ۾ رھندڙ ماڻھن کي پيئڻ لاءِ پاڻي به نه ملندو.