اسلام آباد(م ڊ) ملڪي معيشت لاءِ خوشخبري آهي ته پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ (پي پي ايل) گئس جي پيداوار شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان پيٽروليم ڪوٽڙي مان گئس جي پيداوار شروع ڪرڻ بابت پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، پي پي ايل خط ۾ چيو آهي ته ڪوٽڙي نارٿ بلاڪ 1 مان روزاني گيس جي پيداوار 5.3 ايم ايم ايس سي ايف ڊي آهي، روزاني گئس جي پيداوار 950 پائونڊ في چورس انچ آهي، ياد رهي ته ڪوٽڙي مان گئس جي پيداوار ۾ پاڪستان پيٽروليم، يونائيٽيڊ انرجي پاڪستان لميٽيڊ ۽ ايشيا ريسورس آئل لميٽيڊ جا گڏيل شيئرز آهن، ڪوٽڙي جي ٽڪري ون کوهه مان گئس کي علي آباد پروسيسنگ پلانٽ مان سوئي سدرن سسٽم ۾ شامل ڪئي پئي وڃي.