جناح اسپتال جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عهدي تي بحال

ڪراچي(  رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  جناح اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر طور ڊاڪٽر شاهد رسول کي بحال ڪري ڇڏيو، جسٽس ظفر  راجپوت ۽ جسٽس عدنان اقبال چوڌري تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ سنگل بينچ جو نوٽيفڪشن معطلي وارو فيصلو قالعدم قرار ڏئي ڇڏيو،عدالت ڊاڪٽر شاهد رسول جي بحالي وارو لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو ويو، لکت واري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ٻه رڪني بينچ عمومن طور تي عبوري حڪم نامي ۾ مداخلت ناهي ڪندي، انصاف جي فراهمي لاءِ ٻه رڪني بينچ کي مداخلت ڪرڻي پئي، ظاهري طور سنڌ حڪومت ئي جناح اسپتال ۾ مقرريون ڪندي آهي، وفاقي حڪومت مقرري تي اعتراض ناهي ڪيو،  ظاهري طور سنگل بينچ سامهون اهي ڳالهيون به نه رکيون ويون، ٻه رڪني بينچ جو سنگل بينچ کي سمورن ڌرين کي ٻڌڻ بعد معطلي بابت فيصلي جي هدايت ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.