اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي پارٽي ” عوام پاڪستان پارٽي “رجسٽرڊ ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن عوام پاڪستان پارٽيءَ جي انٽرا پارٽي اليڪشنز کي به تسليم ڪري ورتو آهي جنهن موجب شاهد خاقان عباسي عوام پاڪستان جو ڪنوينر ۽ مفتاح اسماعيل سيڪريٽري جنرل هوندو، ، عوام پاڪستان پارٽي 26 جون تي انٽرا پارٽي اليڪشنز جا تفصيل جمع ڪرايا هئا، اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ سياسي پارٽين جو انگ 168 ٿي ويو آهي.