عمران خان جون سڀ سياسي چالون ناڪام،ڳالهين لاءِ ميڙ منٿ

لاهور (عمران شفقت) خبر اها آهي ته عمران خان جي ڪنهن به سياسي چال ۽ حرڪت جو ڪو به نتيجو نه پيو نڪري ۽ کيس هر پاسي کان ناڪامي ملي رهي آهي پهريون هن ڳالهين لاءِ شرط رکيا پر پوءِ سڀني شرطن تان هٿ کڻڻدو رهيو.  هاڻي سڀ مطالبا لکي ڏيڻ لاءِ تيار آهي جهڙوڪ ميڙ منٿ ڪري رهيو آهي  پر ڪميٽي سان سندس ملاقات نه پئي ڪرائي وڃي.هڪ پاسي تحريڪ انصاف ريميٽننس نه موڪلڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ سول نافرماني شروع ڪئي ته ٻئي پاسي وزيراعظم وري اها خوشخبري ڏني ته  ناڻي مٽاسٽا وارن ذخيرن ۾ واڌ ٿي آهي. ٻئي پاسي عاصمه شيرازي سان ڳالهائندي راڻا ثناءُالله چيو ته ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ جو ڪارڻ هنن جو رويو آهي جيڪو هي فوج خلاف پاڪستاني ادارن خلاف  اختيار ڪندا رهن ٿا. جڏهن کانئس عمران جي منتقلي بابت پڇيو ويو ته اڻ سڌي ريت هن اهو چيو ته سندس سيڪيورٽي جا معاملا به آهن کيس ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪري سگجهي ٿو سندس صحت جا مسئلا به آهن . سو منهنجي خيال ۾ تحريري مطالبن کان پوءِ جڏهن معاملا بهتر ٿيا ته تحريري معاهدو ٿيندو ۽ عوامي سطح تي اعلان ٿيندو جنهن تي ٻئي ڌريون راضي ٿينديون پر عمران خان ان تان به ڦري ويندو ان کي يو ٽرن جو تجربو آهي ۽ ذليل وري ڳالهين واري ڪميٽي ٿيندي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 11 جنوري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.