اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي وڪيل شعيب شاهين چيو آهي ته عمران خان چوي ٿو ته ڳالهيون انهن سان ٿيڻ گهرجن جن وٽ اصل طاقت آهي، اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت موجب ملڪي معيشت بهتر ٿي آهي جڏهن ته هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا آهن، باني چيو آهي ته معشيت جي بهتري لاءِ قانون جي حڪمراني ۽ سيڙپڪاري ضروري آهي، هن چيو ته اسان الزام نه لڳائي رهيا آهيون، اسان سچ ڳالهائي رهيا آهيون، سياسي انتقام نه هئڻ گهرجي، اسان اهو به چئي رهيا آهيون ته ڪيس ختم ٿيڻ گهرجن، شعيب شاهين چيو ته عرفان صديقي چيو ته اسان کان اهو مطالبو ڪيو ته جن جا اختيار اسان وٽ آهن، جڏهن حڪومت وٽ اختيار ناهي ته ڳالهين ۾ ڇو ويٺا آهيون؟ اسان جي ڳالهين واري ڪميٽي جو ترجمان صاحبزاده حامد رضا آهي، جيڪا ڳالهه ڪرڻي هوندي اهو ئي ڪندو.