ڪئنالن تي بحث اجايو آھي، ڪو به صوبو ٻئي جو پاڻي نٿو کڻي سگھي: احسن اقبال

ڪراچي(رپورٽر) وفاقي وزير ۽ نواز ليگ جو جنرل سيڪريٽري احسن اقبال ڪراچي ۾ ن ليگ سنڌ جي صدر بشير احمد ميمڻ سان گڏ حاجي مظفر شجراع جي رھائشگاھ تي پھچي ملاقات ڪئي، جنهن بعد پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته ڪئنالن جو بحث بي بنياد آھي، ڪو به صوبو ٻئي صوبي جو حصو نٿو کڻي سگھي، 91ع وارو پاڻي ٺاھه ن ليگ ڏنو، پاڻي جي ورچ جو هڪ شفاف انتظام آھي، پ پ سان ڪو به اھڙو اختلاف ناھي،  جنهن سان اتحاد کي ڪو نقصان پهچي، هن چيو ته عمران نيازي جي ناتجربيڪاري ۽ نااھلي ملڪ کي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويو، شھباز شريف ملڪ کي ان ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍي رھيو آھي، هن چيو ته جنهن ماڻهو زندگي ۾ ھڪ يونين ڪائونسل نه ھلائي اھو 24 ڪروڙ ماڻهن جي ايٽمي ملڪ کي ھلائي نٿو سگھي، هن چيو ته  2022ع ۾ شرط پئي لڳا ته پاڪستان جلد سري لنڪا ٿيندو پر اھو ٻن سالن ۾ وري معاشي طور  مستحڪم آھي، سيپٽمبر 2018 ع کانپوءِ وڌندڙ مھانگائي جي شرح ھاڻي وڃي گھٽ ٿي آھي، اورسيز پاڪستانين گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ھن سال جي 6 مھينن ۾ 30 سيڪڙو وڌيڪ ناڻو اماڻيو آهي، اسين ملڪي معيشيت  کي بھتر بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ پاڪستان کي اولهه دنيا ۾ بدنام ڪرڻ جي ھر فورم تي ڪوشش ڪري رهي آهي، عمران خان سياسي قيدي نه پر ڏوھاري قيدي آھي، سندس آزادي عدالتن مان ٿي سگهي ٿي پر ھي چاهين ٿا ته حڪومت ايگزيڪيوٽو آرڊر تحت کيس آزاد ڪري ته پوءِ جرئت ڪري چون ته اسين اين آر او گهري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.