ميرپورماٿيلو:نوجوان جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار،ڏوهه جو اعتراف

ميرپورماٿيلو ( ن ع آ) ميرپورماٿيلو ايس ايس پي گهوٽڪي جي پي آر او جي پريس رليز موجب کينجهو ٿاڻي تي 05 جنوري تي علي نواز لغاري جي وارثن سندس جي گمشدگي  جي رپورٽ درج ڪرائي ھئي جڏهن ته پوليس پاران ڊي ايس پي اٻاوڙو جي اڳواڻي ۾ پوليس جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان هر روز ڪيس جي جاچ ڪري رهي هئي،پوليس پنهنجي ڳجهي ذريعي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان 1 جوابدار شهزادو مهر کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.جاچ دوران گرفتار جوابدار ڏوهه جو پڻ اعتراف ڪندي چيو ته اسان علي نواز لغاري کي قتل ڪري لاش ريڻي ڪئنال جي ڪناري تي لڪايو هو.جنهن بعد پوليس ريڻي ڪينال نشانگي واري جڳھه تي پھچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو.جڏھن ته ايس ايس پي گهوٽڪي ڊاڪٽر سميع الله سومرو جي حڪم تي مقتول جي ڀاءُ جي فرياد تي ڪينجهر ٿاڻي تي ڏوهن نمبر 01/2025 جي قلم 302، 364، 34 تحت 03 سڃاتل جوابدار شهزادو ولد عثمان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.علي مهر ولد محمد موسيٰ ولد پير بخش مهر ولد مصري ولد الله ڏوايو مهر جڏهن ته ھڪ نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.جڏھن ته گرفتار جوابدار شهزادو مهر کان پڇا ڳاڇا دوران پوليس پاران واقعي جي ٻئي جوابدار محمد موسيٰ ولد پير بخش مهر کي به گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته پوليس پاران گرفتار ٿيل ٻنهي جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.