ميھڙ( ن ع آ ) ميھڙ تعلقي بار ايسوسيئشن پاران سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ بابت مذمتي ٺھراءُ پاس ڪيو ويو،ميھڙ تعلقي بار ايسوسيئشن جي صدر وڪيل علي اصغر پتوجو ، جنرل سيڪريٽريءَ وڪيل قلندر بخش عرف منور جتوئي ،وڪيل رضوان حيدر تنيو ،وڪيل سعيد پنھور ، وڪيل محمد علي ڪانڌڙو ۽ ٻين پاران پاس ڪيل ٺھراءُ ۾ سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گھر ڪئي وئي ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو سنڌ سڪائڻ برابر آھي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي دادو سميت سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ جي مذمت ڪندي گھر ڪئي وئي آھي ته سنڌ جون زمينون وڪرو ڪرڻ بند ڪيون وڃن قراداد ۾ چيو ويو آھي ته سنڌ جا ماڻھو درياهه تي ڌاڙو ۽ زمينن جو وڪرو برداشت نه ڪندا سرڪار فوري طور تي ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس وٺي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ڏنل زمينن جي الاٽمينٽ ختم ڪئي وڃي.