خانگي اسڪولن کي اضافي فيس نه وٺڻ جو حڪم

ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي تعليم کاتي خانگي اسڪولن کي هدايت ڪئي آهي ته شاگردن کان اضافي فيس نه ورتي وڃي، ان حوالي  سان ڊائريڪٽوريٽ آف انسپيڪشن ۽ پرائيويٽ انسٽيٽيوشن هڪ خط جاري ڪري ڇڏيو آهي. والدين ۽ شاگردن جي سهولت ۽ کين مالي مشڪلاتن کان بچائڻ لاءِ ميٽرڪ جي شاگردن کان صرف اپريل مهيني تائين ٽيوشن فيس وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر پرائيويٽ انسٽيٽيوشن سنڌ رفيع جاويد سمورن پرائيويٽ اسڪولن کي مخاطب ٿي چيو آهي ته ڊائريڪٽوريٽ پاران 23 ڊسمبر 2024ع تي هڪ سرڪيولر جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي 9هين سالياني امتحانن ۽ نئين تعليمي سيشن بابت فيصلا ڪيا ويا هئا، فيصلي جي روشني ۾ کين هدايت ڪئي وئي ته خانگي اسڪول صرف انهن شاگردن کان اپريل تائين جي فيس وصول ڪندا جيڪي هن سال يعني 2025ع ۾ ميٽرڪ جا ساليانا امتحان ڏئي رهيا آهن ڇو ته انهن جا امتحان مارچ جي مهيني ۾ ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.