ڪراچي/حيدرآباد (رپورٽر) سينئر اڳواڻ سابق ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي هڪ اعلى سطحي وفد ملي يڪجهتي ڪونسل ۽ جي يوپي سربراهه صاحبزاده ابوالخير محمد زبير سان ملاقات ۽ کين جماعت اسلامي پاران 12 جنوري تي سکر ۾ رٿيل” آل پارٽيز ڪانفرنس“ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جو اڳوڻو امير محمدحسين محنتي، مولانا عبدالوحيد قريشي، حافظ طاهر مجيد، مجاهد چنا، حنيف شيخ ۽ سفيان ناصر پڻ موجود هئا. صاحبزاده ابوالخير محمد زبير چيو ته بدقسمتي سان هن وقت چئني صوبن جي ڀيٽ ۾سنڌ بدامني ۾ پهرين نمبر تي آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ بدامني جي باهه ۾ ٻري رهي آهي خاص طور تي ڪشمور ڪنڌڪوٽ سميت اُتر سنڌ جي ضلعن ۾ ڀُنگ لاءِ اغوا ۽ ڦُرلُٽ جون وارداتون عام ٿي ويون آهن، مولانا اسدالله ڀٽو چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي قيام ۽ سنڌوءَ مٿان 06 نوان ڪينال اڏڻ وارو منصوبو سنڌ جي عوام جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، هوڏانهن جماعت اسلامي وفد ترقي پسند هائوس قاسم آباد پهچي ڪري ڊاڪٽر قادر مگسي جو دعوت نامو ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ قادر چنا جي حوالي ڪيو.