لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان بجلي جي بل گھٽ نه ٿيڻ ۽ ڳاٽي ٽور مھانگائي خلاف 17 جنوري تي ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو منصوره ۾ قيصر شريف، ضياءُ الدين انصاري ايڊووڪيٽ ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو تههن چيو ته طبقاتي ۽ استحصالي نظام عوام جو رت چوسي رهيو آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته آءِ پي پيز جا معاهدا ختم ڪرڻ سان قومي خزاني کي اڍائي هزار ارب جو فائدو ٿيو آهي ته پوءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو فائدو عوام کي ڇو نه ڏنو پيو وڃي،هن چيو ته قبائلي علائقن ۾ امن لاءِ افغانستان سان ڳالهيون ضروري آهن،ڪرم ۾ امن لاءِ مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتون ذميواريون کڻن،هن چيو ته عمران خان سميت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي،هن چيو ته موجوده حڪمران پارٽين اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان حڪومت ٺاهي آهي، پيپلز پارٽي کي اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد کانسواءِ ڪراچي جي ميئر شپ نه ملي سگهي ها.ايم ڪيو ايم جي عوام ۾ ڪا به مقبوليت ناهي، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي ڪراچي کي تباهه ڪيو. بلاول ڀٽو سوال ڪرڻ بدران جواب ڏي ته هو حڪومت جي تبديلي کان وٺي حڪومت جو حصو آهي، پوءِ به پوري سنڌ جا مسئلا ڇو حل نه ٿي رهيا آهن؟