حيدرآباد(رپورٽر) مجلس وحدت مسلمين پاڪستان جي مرڪزي ۽ سينئير اڳواڻ مولانا علامه مقصود علي ڊومڪي هڪ وفد سان گڏ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان حيدرآباد ۾ سندس لا آفيس تي ملاقات ڪئي. وفد ۾ سيد وقار حسين زيدي، ديباج حيدر، زوار دلدار ڇلگری، تنظيم سازي سيڪريٽري نظام الدين انقلابي ۽ سيد مدثر رضوي شامل هئا.جڏهن ته قومي عوامي تحريڪ جا مرڪزي اڳواڻ الطاف حسين خاصخيلي، شوڪت سريوال، آغا عباس پٺاڻ، مرتضيٰ لاشاري ۽ ٻيا شامل ھئا. ملاقات ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي. اياز لطيف پليجي پاراچنار سانحي تي افسوس جو اظھار ڪندي معصوم ماڻھن جي قتل ۾ ملوث دھشتگردن جي گرفتار جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته عالمي سامراجي طاقتون پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ دھشتگردي جا واقعا ڪرائين ٿيون،سنڌ ۾ بدترين حڪمراني جي ڪري ماڻھو بدامني، مھانگائي ۽ ڪرپشن جي ڪري ظلم ۽ ناانصافي جو شڪار آھن،علامه مقصود ڊومڪي چيو ته اتر سنڌ جا ضلعا ڌاڙيلن جي حوالي آھي، ڌاڙيل گردي ۽ بدامني خلاف گڏيل جدوجھد ڪرڻ جي ضرورت آھي.اياز لطيف پليجي چيو ته حڪومت سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻي رھي آھي،گرين انيشيٽو جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضا بند ڪيا وڃن.