ڪراچي ( رپورٽر ) مجلس وحدت المسلمين جي سربراهه سينيٽر علامه راجا ناصر عباس جعفري پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو تھ پاراچنار غزا ورو منظر پيش ڪري رهيو آهي، حڪمرانن جي لاپرواهي پاراچنار، ڪرم ايجنسي جي مسئلي کي پيچيدھ بڻائي ڇڏيو آهي، مسلمان اهو آهي جيڪو ناانصافي کي ڏسي ناانصافي ڪندڙن سان نفرت جو اظھار ڪري، پاراچنار جا ماڻهو کاڌي پيتي ۽ ٻين ضروري سهولتن جي کوٽ سبب سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، سخت گھيري ھيٺ ھئڻ سبب سامان جي کوٽ جي نتيجي ۾ 130 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا فوت ٿيا آھن ۽ انھن جي زندگي مفلوج ٿي وئي آهي. ھن چيو تھ پاراچنار جي مظلوم ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ ھنيل احتجاجي ڌرڻن تي رياستي ڪريڪ ڊائون جي مذمت ڪيون ٿا، پيپلز پارٽي، پاڻ کي جمهوريت جي چيمپئن سڏائي ٿي، انھيءَ جي حقيقت سموري قوم جي سامهون ظاھر ٿي آهي جڏھن تھ ڪرم ضلعي جا شيعه ۽ سني ماڻهو ڪڏهن به افرا تفري نٿا چاهين.