اسلام آباد(م ڊ/ عمران وسيم) سپريم ڪورٽ ۾ سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جي ڪيس ۾ جسٽس مسرت هلالي چيو ته سويلين جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل رڳو اي پي ايس جهڙن ڏوهارين تي ٽرائل لاءِ هو، ڇا سڀني سويلينز سان اهڙو ورتاءُ ڪري سگهجي ٿو؟ ڪالهه جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ بچاءَ واري وزارت وڪيل خواجا حارث دليل ڏنا، جسٽس محمد علي مظهر پاران حڪومتي وڪيل کي چيو ويو ته جسٽس منيب اختر جي فيصلي جا پوائنٽس پڙهي پنهنجي دليلن جي شروعات ڪريو. هن جڏهن اهي مخصوص پيراگراف پڙهيا ته جسٽس جمال مندوخيل پاران سوال ڪيو ويو ته آئيني جي آرٽيڪل پنج 8 جي مطابق به بنيادي حق معطل نه ٿا ٿي سگهن جنهن تي خواجه حارث وراڻيو ته آرٽيڪل 8 جي سب ڪلاز 3 ۽ سب ڪلاز 5 اهي ٻئي الڳ الڳ آهن توهان ٻنهي کي گڏائي نه ٿا ڏسي سگهو، ان جو هڪ حصو شهرين جي حوالي سان آهي ٻيو حصو آرمڊ فورسز جي ڊسپلين جي حوالي سان آهي، ٻنهي کي الڳ الڳ پڙهبو، گڏائي نه ٿو پڙهي سگجهي، خواجه حارث ايف بي علي ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ اهو طئي ڪيو آهي ته سويلين جو ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل ٿي سگهي ٿو، هي فيصلو جيڪو سپريم ڪورٽ پاران پنج هڪ جي بنياد تي ڪيو ويو ته سويلين جو ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل نه ٿو ٿي سگهي، اهو آئين جي آرٽيڪل 8 سب ڪلاز 3 ۽ آئين جي آرٽيڪل 8 سب ڪلاز5 جي غلط تشريح ڪئي وئي آهي، غلط تشريح جي بنياد تي چيو ويو ته ايف بي علي جو ڪيس الڳ نوعيت جو هو، ان موقف تي جسٽس جمال وراڻيو ته توهان جي دليل تي اتفاق ڪجي يانه؟ ان جو فيصلو اسان ڪنداسين، خواجه حارث چيو ته جن سويلين جو ٽرائل ٿيو اهي ريٽائرڊ فوجي آفيسر هئا، سپريم ڪورٽ چيو ته اهي ريٽائرڊ ٿيڻ بعد عام شهري هئا جڏهن سندن ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل ٿيو، جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪي 9 مئي ڪيس ۾ جوابدار پڪڙيا ويا آهن تن جو ماضي ۾ ڪو آرمڊ پس منظر ناهي ته پوءِ انهن جو ٽرائل ڪيئن ٿي سگهي ٿو، اڄڪلهه هڪ اصطلاح استعمال ٿيندو آهي ايڪس سروس مين، هي ته اهي به ناهن، هلو اسان رڳو شهري جي اصطلاح استعمال ڪريون ٿا، جسٽس مسرت سوال ڪيو جڏهن آرمي ايڪٽ ۾ اچون ٿا ته ڇا سڀ بنيادي حق معطل ٿي ويندا آهن؟ جسٽس مندو خيل پاران ٽي سوال رکيا ويا، هڪ ته ڇا سويلين جو ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل ٿي سگهي ٿو؟ ٻيو ته ڪهڙي حد تائين سويلين جو ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل ٿي سگهي ٿو؟ ٽيون ته ڇا اهو مخصوص شهرين تائين محدود آهي؟ جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو ته خواجه صاحب اهو ٻڌايو ته عالمي سطح تي جيڪي ملٽري ڪورٽس هجن ٿيون اتي سويلين جي ملٽري ٽرائل جي پوزيشن ڇا هوندي آهي ۽ پريڪٽس ڇا آهي؟ ججز جي سوالن تي بچاءَ واري وزارت جي وڪيل چيو ته مون وٽ مثال موجود آهن، اڳتي ان تي به ڳالهائيندس، جسٽس مندوخيل پڇيو ته اسان جا جيڪي جوان شهيد ٿي ويندا آهن انهن کي شهيد ڪندڙن جو ٽرائل ڪهڙي ڪورٽس ۾ ٿيندو آهي؟” انهن جو ٽرائل ملٽري ڪورٽس ۾ ٿيندو آهي يا اي ٽي سي ۾ ٿيندو آهي ؟ سوال اهو آهي ته شهيدن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ ڇو نٿا هلن؟ ڪهڙا ڪيس آھن جيڪي آرٽيڪل 8 جي شق 3 تحت فوجي عدالتن ۾ هلڻ گهرجن؟، خواجا حارث جواب ڏنو ته هن ڪيس ۾ اسان اهو نٿا ڏسون ته مستقبل ۾ ڪهڙن ماڻهن جو ٽرائل ٿي سگھي ٿو، ان تي جسٽس مندوخيل چيو سوال اهو آهي ته سويلين جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڪيتري حد تائين ٿي سگھي ٿو؟، جسٽس مسرت هلالي چيو ته ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل ته اهڙن جوابدارن جو ٿيندو آهي جيئن اي پي ايس ۾ واقعو ٿيو وغيره، ته ڇا هاڻي سڀني سويلين جو انهن ڪورٽس ۾ ٽرائل ٿيندو؟ جسٽس مسرت هلالي وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو آئين معطل ناهي. خواجه حارث چيو ته ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل باوجود سندن بنيادي حق معطل ناهن ٿيندا، انهن تي عدالتي فيصلا موجود آهن، جسٽس مندوخيل چيو ته طئي اهو ڪرڻو پوندو ته آئين جي آرٽيڪل 8 جي ذيلي شق 3 جي تحت ڪهڙا ڪيس ملٽري ڪورٽس ۾ هلندا، جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته لڳي ٿو خواجه صاحب توهان جي تياري مڪمل ناهي، جسٽس وڌيڪ چيو ته هي جنهن فيصلي خلاف انٽراڪورٽ اپيلون آهن ، ان فيصلي ۾ آرمي ايڪٽ جي ڪجهه سيڪشنز کي ڪالعدم قرار ڏنو ويوآهي، اگر لارجر بينچ انهن شقن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ کي برقرار رکي ته پوءِ جيڪو سويلين جو ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل آهي اهو ڪنهن به صورت ۾ نه ٿو ٿي سگهي، اگر اسان انهن شقن کي بحال ڪرڻ جي نتيجي تي پهچون ٿا ته پوءِ اسان کي طئي ڪرڻو پوندو ته ڪيئن سويلين جو ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل ٿي سگهي ٿو، نه ٿو ٿي سگهي يا ڪيتري حد تائين ٿي سگهي ٿو، هن خواجه حارث کي چيو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۾ پارليامينٽ ڪجهه ترميمون ڪيون هيون توهان عدالت جي ان سلسلي ۾ معاونت ڪريو، عدالتي ڪارروائي جي آخر ۾ جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته پارليامينٽ بيشڪ قانون ٺاهڻ لاءِ با اختيار آهي ان کي اهو حق آهي، سڀاڻي پارليامينٽ قانون ٿي ٺاهي ته اگر ڪنهن ٽيڙي اک سان ڏٺو ته اهو به ڏوهه هوندو، گڏو گڏ پارليامينٽ اهو به طئي ڪري سگهي ٿي ته ان ڏوهه جو ٽرائل ڪٿي ٿي سگهي ٿو، عدالت ڪٿي لڳندي، ڪهڙو جج هوندو؟ اهو اختيار آئين پاڪستان پارليامينٽ کي ڏئي ٿو، اهو شايد جسٽس مندوخيل پاران طنز ڪيو ويو آهي، جسٽس مندوخيل وڌيڪ چيو ته چيو ويندو آهي پارليامينٽ سپريم آهي پر منهنجي نظر ۾ آئين سپريم آهي. سو منهنجي خيال ۾ پارليامينٽ کي حق ته آهي پر جڏهن ڪو قانون بنيادي حقن جي خلاف وڃي ته ان کي عدالت رويو ڪرڻ جو حق رکي ٿي، ان کي سيٽ اي سائيڊ ڪري سگهي ٿي، ٻئي پاسي آئيني بينچ پاران جيڪا ملٽري ڪورٽ مان سزا کاڌل ڏوهارين جي ڪوٽ لکپت منتقلي تي رپورٽ گهري هئي ان تي ايڊيشنل ايڊووڪٽ جنرل پنجاب پاران ٻڌايو ويو ته 2 جوابدار گهر هليا ويا هئا 25 ڄڻن کي ڪوٽ لکپت منتقل ڪيو ويو، 10 ڏينهن دوران ٻه ڀيرا سندن وارثن سان ملاقات ڪرائي وڃي ٿي، حسان نيازي جي والد حفيظ نيازي چيو ته والدين کان سواءِ ٻين سان انهن کي ملڻ نه ٿو ڏنو وڃي، عدالت کيس چيو ته ڏوهارين سان والدين ملي رهيا آهن کين گهر جو کاڌو ملي پيو ته ٻيو ڇا گهرجي توهان کي؟ حفيظ نيازي شڪايت ڪئي ته جوابدارن کي قيد تنهائي ۾ رکيو ويو آهي، عدالت چيو ته جيتري توهان کي سيڪيورٽي جي ڳڻتي آهي، ايتري عدالت کي به آهي، ڪو مسئلو ٿيو ته عدالت حل ڪندي، جسٽس مندو خيل چيو ته قيد تنهائي سخت سزا آهي، مسرت هلالي چيو ته انهن قيدين کي ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ڏيو، راند ڪرڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جي اجازت ڏيو، جنهن بعد عدالت وڌيڪ دليلن لاءِ ٻڌڻي خميس تائين ملتوي ڪري ڇڏي.