اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ادارن خلاف بيان نه ڏيڻ تي راضي ٿي ويو آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان ادارن تي تنقيد نه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، پي ٽي آءِ به ان ڳالهه تي راضي ٿي وئي آهي ۽ رڳو سياستدانن کي ئي تنقيد جو مرڪز بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پارٽي جي اعليٰ قيادت عمران خان کي ادارن خلاف بيان نه ڏيڻ جو پيغام ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻين اڳواڻن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته هو ادارن خلاف بيان نه ڏين، ادارن خلاف بيان ڏيڻ سان تڪرار وڌي ٿو، اسان مسئلن جو حل چاهيون ٿا، عمران خان کي پيغام ڏنو ويو آهي ته اسٽيبلشمينٽ خلاف بيانن کان پاسو ڪيو وڃي، جنهن بعد باني هاڻي اسٽيبلشمينٽ خلاف اهڙا سخت بيان نه ڏيندو.