ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڄام صادق پل کي ڊاهي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ ڪورنگي ڪاز وي جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سياسي پارٽين ۾ ڪيترا به اختلاف هجن، انهن جو حل ڳالهين ۾ آهي. هن چيو ته اڳ ئي خدشو ظاهر ڪيو هو ته پي ٽي آءِ باني ڳالهين ۾ رڪاوٽ وجهندو.سعيد غني چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ ۾ عدم استحڪام چاهي ٿي، پي ٽي آءِ کي ئي سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيندو، پي ٽي آءِ جو باني عمران خان اها ڳالهه نٿو سمجهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪنهن صوبي ۾ حڪومت ۾ آهي ته ان صوبي جي عوام جا ذميوار اهي ئي آهن. ڪي پي جي مسئلن تي ڪنهن جو به ڌيان ناهي. ريڊ لائن منصوبو سنڌ حڪومت جو پروجيڪٽ آهي، جيڪو شرجيل انعام ميمڻ بهتر ڪيو آهي. سياسي پارٽيون ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪنديون آهن، پر خدشو آهي ته عمران خان انهن ڳالهين کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو. ڪورنگي ڪازوي تي ڪم تيزيءَ سان جاري آهي جيڪو مقرر وقت کان هڪ مهينو اڳ مڪمل ڪيو ويندو. سعيد غني جاري ڪم جو جائزو وٺي هدايت ڪئي ته منصوبي تي ڪم بغير ڪنهن دير سان مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته پراڻي ڄام صادق پل جي ويجهو نئون پل پڻ تعمير ٿي رهي آهي، جيڪا 6 کان 8 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندي. ان کان پوءِ پراڻي پل کي ڊاهي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو. ملير ايڪسپريس وي کي "شهيد ڀٽو ايڪسپريس وي” جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ان جو افتتاح 11 جنوري تي پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو ڪندو.