ڳرا ٽيڪس ملڪ کي هلڻ نه ڏيندا پر آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻا آهن: وزيراعظم

ڪراچي (رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي مختلف پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي، وزيراعظم چيو ته چيو آهي ته ٽيڪس هدف ۽ وصولي ۾ 400 ارب رپين جو گيپ آهي،  ٽيڪس ايترا وڌيڪ آهن جو ڪاروبار کي هلڻ نه پيا ڏين، اهي ڪاروبار ۾ رڪاوٽ آهن ڳرا ٽيڪس پاڪستان کي هلڻ نه ڏيندا پر اسان کي آءِ ايم ايف جا شرط ۽ پنهنجا هدف پورا ڪرڻا آهن، وقت اچڻ تي آءِ ايم ايف کي الوداع چونداسين، معاشي ترقي لاءِ سڀني سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار آهيان، معيشيت جي بهتري لاءِ ماهر تجويزون ڏين، ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پهريون ڀيرو اسٽاڪ مارڪيٽ جو دورو ڪندي خوشي ٿي آھي، اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪارڪردگيءَ سان ملڪ ۾ استحڪام آيو آھي، ڪاميابيءَ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته موجوده ٽيڪس سليبس جو نظام ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي هلڻ نه پيو ڏئي پر پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام ۾ آهي، جيڪي واعدا آءِ ايم ايف سان ڪيا آهن اهي نڀائڻا پوندا، اسان کي بينڪن مان سرمايو گهرجي، اڄ وياج جي شرح 13 سيڪڙو تي اچي وئي آهي ۽ چاهيان ٿو ته وڌيڪ گهٽجي 6 تي اچي وڃي، برآمدن تي ٻڌل گروٿ وڌائڻي آهي، ان لاءِ تجويزون ڏيو، وزيراعظم چيو ته اسان وٽ قدرتي وسيلا آهن، اسان کي هتي انڊسٽري لڳائڻ لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن ماڻهن کي نوڪريون ملن، ان لاءِ به مون کي توهان جون تجويزون کپن، شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي معيشت هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيٺي آهي، اسان جو مقصد معاشي ترقي آهي، ملڪ کي ترقي جي رستي تي وٺي وڃڻ لاءِ تيار آهيون، معيشت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ معاشي ماهر رهنمائي ڪن، هن چيو ته ڪراچي شهر روشنين جو شهر آهي، هڪ ڀيرو ان جي رونق ختم ٿي وئي هئي پر شڪر آهي ته امن امان بحال ٿيو آهي، صوبائي راڄڌاني ملڪ جي معيشت جي ريڙهه جي حيثيت رکي ٿو.وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن چيو وڃي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي ته پوءِ اسان احمقن جي جنت ۾ رهون ٿا، جيڪڏهن اسان حقيقت کي تسليم ڪريون ۽ انگ اکر ڏيکاريون، چڱائي کي ساراهيون ۽ خراب کي درست ڪرڻ جي صلاح ڏيون ته پوءِ اڳتي وڌي سگهون ٿا، وزير اعظم شهباز شريف چيو ته اڏام پاڪستان پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، توهان اڳ ۾ به ڪيترائي پروگرام ڏٺا آهن، هاڻي اسان کي ترقي ڏانهن وڌڻو آهي، ٻين علائقن جي ماڻهن کي شايد ايترو تجربو نه هجي جيترو توهان وٽ آهي، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور جا ماهر به ويھن ۽ ملڪ جي ترقي بابت صلاحون ڏين، ان حوالي سان مان توهان کي جلد دعوت ڏيندس، اتي مان کليل دل سان مٺيون ۽ ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌندس. وزيراعظم چيو ته جڏهن وقت ايندو ته آءِ ايم ايف کي هميشه لاءِ الوداع چئي وينداسين، ملڪ جي معيشت کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ سيڙپڪاري جي سخت ضرورت آهي، پاڪستان قيامت تائين  زندھ رھندو، ان کي مضبوط ڪرڻو پوندو، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کان خام مال ڏهاڪن کان وڃي رهيو آهي، ان تي ڪو به چيڪ اينڊ بيلنس ناھي، اسان جي خواھش آھي تھ سيمي فنشڊ گڊز ايڪسپورٽ ڪريون، ڏھاڪو سالن کان را مٽيريل پرڏيھھ وڃي رھيو آھي، اھا بھ خبر ناھي تھ اھي ڪيترو خام مٽيريل کڻي وڃي رھيا آھن، اسان اڻ تيار ٿيل سامان برآمد ڪرڻ چاھيون ٿا، گذريل ڏينھن اولهه کان ھڪڙي ٽيم آئي ھئي، اسان ٽيم آڻينداسين، توھان دفن ٿيل خزاني کي سامھون آڻيو، ھن چيو تھ اسان جون ڪاميابيون ٽيم ورڪ جو نتيجو آهن، اسان کي هاڻي معاشي ترقي ڏانهن ڌيان ڏيڻو آهي، ھاڻي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ ، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي آڻڻي پوندي، ڏکوئيندڙ ماضي ڏانهن وڃڻ نٿا چاهيون، جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي روئڻ جو ڪو به فائدو ناهي، اسان کي سبق سکي اڳتي وڌڻو آهي، معاشي ماهر پنهنجي وسيع تجربي سان ملڪ جي ترقي لاءِ رهنمائي ڪن، پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جي حوالي سان هن چيو ته نجڪاري جي ڪوشش ڪيترن ئي سببن جي ڪري ڪامياب نه ٿي سگهي، پر مان چوان ٿو ته اهو عمل 100 سيڪڙو شفاف هو، پرائيويٽائيزيشن جو سمورو عمل مڪمل شفاف هوندو ۽ ان سلسلي ۾ مون کي ماهرن جي تجويزن جي ضرورت پوندي، وزيراعظم چيو ته گذريل ڏهاڪي دوران حڪومتي ادارن جي ڪري اربين رپين جو نقصان ٿيو، ڇا اسان هڪ هٿ ۾ ڪشڪول ۽ ايٽمي طاقت رکي ترقي ڪري سگهون ٿا؟، الله پاڪستان کي بيشمار وسيلن ۽ ذهين ماڻهن سان نوازيو آهي، الله جي فضل سان قيامت تائين اسان جو ملڪ قائم رهندو. اسان کي ان کي مضبوط ڪرڻو آهي ۽ دنيا جي قومن جي سامهون ان جي عزت بحال ڪرڻي آهي، ڪراچي پهچڻ تي گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پي اي ايف بيس فيصل ڪراچي پهچي وزيراعظم شهباز شريف جو استقبال ڪيو، وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، سڌ سماءَ وارو وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ به هو، وزيراعظم پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کانپوءِ ڪي پي ٽي ۽ آغا خان يونيورسٽي ۾ تقريبن ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.