ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي صوبائي محتسب محمد سهيل راجپوت جي اڳواڻيءَ ۾ سرڪاري کاتن جي خلاف عوامي شڪايتن تي تڪڙو عمل ڪيو پيو وڃي. اياز ٽائون گلشن اقبال ڪراچي جيرهواسي افتخار احمد جي پلاٽ جو 26 سالن جو پراڻو مسئلو حل ڪيو ويو. شڪايت ڪندڙ افتخار احمد پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته هن 1998ع ۾ بيچ ايوينو پروجيڪٽ، هاکس بي هائوسنگ اسڪيم 42، ايل ڊي اي ۾ فليٽ بڪ ڪرايو هو، جنهن جي سموري ادائيگي به ڪري ڇڏي هئي. پر 2009ع ۾ لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايل ڊي اي) هڪ اشتهار ذريعي ان پروجيڪٽ کي بي يار مددگار قرار ڏئي الاٽيز کي مختلف آپشن ڏنا. جنهن تي شڪايت ڪندڙ 2015ع ۾ فليٽ جي بدلي پلاٽ يا ڪنهن نئين پروجيڪٽ ۾ فليٽ جو آپشن استعمال ڪيو، پر ايل ڊي اي پاران ڪا به شنوائي نه ڪئي وئي. صوبائي محتسب سنڌ درخواست جو نوٽيس وٺي، ايل ڊي اي عملدارن کي نوٽيس موڪليو. ان کان پوءِ ڪيترن ئي ٻڌڻين کان پوءِ ايل ڊي اي عملدارن شڪايت ڪندڙ کي بدلي ۾ ساڳئي اسڪيم ۾ پلاٽ فراهم ڪيو، جنهن تي شڪايت ڪندڙ شڪريو ادا ڪيو. ٻئي طرف، سکر جي رهواسڻ نوشين لطيف جو مختيارڪار آفيس سکر ۾ فوتي کاتي سان لاڳاپيل ملڪيت جي تبديليءَ جو مسئلو پڻ حل ڪيو ويو. شڪايت ڪندڙ عورت صوبائي محتسب سنڌ کي درخواست ۾ ٻڌايو ته مختيارڪار آفيس سکر کان سندس فوت ٿيل والد جي ملڪيت وارثن جي نالي منتقل نه پئي ڪئي وڃي، جيڪا سندن بنيادي حق آهي. صوبائي محتسب سنڌ جي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ مختيارڪار آفيس سکر ان ملڪيت کي وارثن جي نالي منتقل ڪري ڇڏيو. ان کان علاوه، تعلقي ڪنري ضلعي عمرڪوٽ جي رهواسي مير حسن، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (پرائمري) خلاف شڪايت داخل ڪئي ته سرڪاري بوائز پرائمري اسڪول رحيم خاصخيلي ۾ گذريل 8 سالن کان پرائمري استاد مقرر نه ٿيڻ سبب اسڪول بند آهي. صوبائي محتسب سنڌ جي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ، ان اسڪول ۾ پرائمري استاد مقرر ڪري اسڪول کي آپريشنل ڪيو ويو. ان کان پوءِ شڪايت ڪندڙ اسڪول جي ٻيهر شروعات تي صوبائي محتسب سنڌ جي آفيس جو شڪريو ادا ڪيو.