اسلام آباد (منيب فاروق) اسلام آباد مان ملندڙ اطلاع موجب، پي ٽي آءِ جي جوابدارن کي فوجي عدالتن مان ملندڙ معافيون افواهن جو مرڪز بڻيل آهن، پر حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جا ذريعا ان بابت وضاحت ڪري چڪا آهن ته اهي معافيون قانوني طريقيڪار جو حصو آهن ۽ ان جو ڪنهن به ڳالهين يا ڊيل سان ڪو تعلق ناهي. 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ فيصلو اهم موڙ ثابت ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن عمران خان کي ان ڪيس ۾ سزا ملي ٿي ته پي ٽي آءِ جي بارگيننگ پوزيشن ڪمزور ٿي ويندي، پر جيڪڏهن بريت ٿيندي ته ان سان پي ٽي آءِ جي سياسي حيثيت مضبوط ٿي سگهي ٿي. ٻئي طرف، اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت پاران عمران خان لاءِ ڪنهن پاليسي ۾ ڪا تبديلي يا بني گالا منتقل ڪرڻ بابت ڪا آڇ ناهي ٿي. عمران خان طرفان به ڪنهن مخصوص فرد بابت واضح موقف سامهون نه آيو آهي. حڪومت چاهي ٿي ته عمران خان کي ڪجهه حد تائين رليف ملي، پر ساڳئي وقت هو کيس قابو ۾ رکڻ به چاهي ٿي. عمران خان جي روَيي بابت اهم تاريخ 31 جنوري آهي. جيڪڏهن ان وقت تائين عمران خان پنهنجو رويو بهتر رکي ٿو ته سندس لاءِ نوان سياسي رستا کلڻ جا امڪان ٿي سگهن ٿا. پي ٽي آءِ جون نظرون عالمي سطح تي ڊونلڊ ٽرمپ جهڙن اڳواڻن تي به آهن، پر موجوده حالتن ۾ پاڪستان اندر اسٽيبلشمينٽ پاران عمران خان سان ڳالهين جا امڪان واضح طور رد ڪيا پيا وڃن. حڪومت ۽ رياست پنهنجي فيصلي تي مضبوط آهي ۽ موجوده صورتحال ۾ ڪنهن به قسم جي رعايت يا ڊيل جا امڪان گهٽ نظر اچن ٿا. هوڏانهن صاحب زاده حامد رضا ۽ ٻيا ماڻهو جيڪي ڳالهين واري ٽيم ۾ شامل ٿيا آهن ان جي اصل ڳالهه ڪا ٻي آهي. ڳالهه رسائي جي آهي ته سندس رسائي ڪيستائين آهي. هي حڪومت سان ڪنهن محبت ۾ ڳالهيون ڪرڻ ناهن آيا پر ڪنهن ڊپ سبب آيا آهن. ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن اوهان به ڄاڻي وٺندا ته اهو ڊپ ڪهڙو آهي.