ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي توانائي جي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان ٿر ڪول متاثرن جي وفد سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ٿرڪول متاثرن جي وفد ۾ ڀيم راج، ليلارام ۽ ٻين شرڪت ڪئي. متاثرن سيد ناصر شاهه کي پنهنجن مطالبن ۽ مشڪلاتن، روزگار، پاڻي ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو. سيد ناصر شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت مقامي ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ واضح هدايتون ڏنيون آهن ۽ صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر ۽ وڏي وزير پاران ٿر ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار سميت سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته ڪميٽي ۾ ٿرڪول متاثرن جي نمائندن کي شامل ڪيو ويندو. سيد ناصر شاهه مقامي انتظاميا کي متاثرن جا جائز مطالبا فوري طور حل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ٿر جي مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڀرپور سهڪار ڪري رهي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي پاران مقامي ماڻهن لاءِ تربيتي پروگرام پڻ شروع ڪيا پيا وڃن.