شهباز مشرف جو وزيراعظم ٿيڻ لاءِ به تيار هو\محمود خان اچڪزئي

اسلام آباد(ع آ نيوز) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي ۽ مخالف ڌر جي اتحاد تحريڪ تحفظ عين جي سربراهه محمود خان اچڪزئي حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جي عمل تي سوال اٿاريا. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمود خان اچڪزئي چيو ته جنهن حڪومت وٽ قانوني مينڊيٽ ناهي ان سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن؟ ڳالهين جي ڪاميابيءَ لاءِ دعائون گهرنداسين، پر جتي اها ڳالهه هجي اتي دعائون قبول نه ٿيون. هن چيو ته شهباز شريف اسان جو دوست آهي پر هو پرويز مشرف جي وزيراعظم ٿيڻ لاءِ به تيار هو. محمود خان اچڪزئي چيو ته نواز شريف شهباز شريف کي روڪڻ جي جرئت ڪئي پر هاڻي نواز شريف به پوئتي هٽي ويو آهي. هن چيو ته افغانستان تي ڇڪتاڻ جو مرڪز  نه بڻايو،  حڪومت ملڪ کي گهرو ويڙهه طرف ڌڪي پئي. جتي معدنيات آهي، اتي اسٽيبلشمينٽ اچي وڃي ٿي، مقامي ماڻهن کي به شامل ڪيو  وڃي.

  1. محمود خان اچڪزي ملڪ دشمن ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي: حنيف عباسي 

اسلام آباد(م ڊ) حڪمران جماعت پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ حنيف عباسي پشتونخوا ملي عوامي پارٽي ۽ تحريڪ تحفظ آئين جي سربراهه محمود خان اچڪزي جي بيان تي سخت  ردعمل ظاهر ڪندي مٿس الزام مڙهيا آهن. نون ليگ اڳواڻ حنيف عباسي چيو ته محمود خان اچڪزي ملڪ دشمن ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي، اهڙي وقت ۾ جڏهن اولهندي سرحد تي پاڪستان دراندازي جو منھن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، محمود خان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگردن جي همدردي ۾ ڳالهيون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هن عمر ۾ اهڙو ڪوڙ ڳالهائيندي هن کي شرم به نٿو اچي، شهباز شريف جي پنهنجي ڀاءُ سان وفاداري بابت ڳالهائڻ کان اڳ محمود خان پهريان پاڻ کي ڏسي. حنيف عباسي چيو ته تاريخ شاهد آهي ته مشرف جي وزيراعظم بڻجڻ واري آڇ کي شهباز شريف ٿڏي ڇڏيو هو. هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي ڀاءُ جو هر ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيندڙ شهباز شريف قيد ۽ بند جي تڪليفون برداشت ڪيون، جڏهن ته محمود خان منافقت واري سياست ڪندو رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.