پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي سست رفتاري جو ڪارڻ وي پي اين قرار

اسلام آباد(ع آ نيوز)  پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي سستي جي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ مختلف مسئلن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وي پي اين جي گهڻي استعمال سبب انٽر نيٽ تي بار پيو، انٽرنيٽ جي اسپيڊ ۽ صلاحيت وڌائڻي پوندي. تفصيل موجب پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي)  انٽرنيٽ جي سستي بابت جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي. ٽيلي ڪام آپريٽرز سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي مختلف مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي پر پي ٽي اي جاچ رپورٽ آءِ ٽي وزارت کي موڪلي ڇڏي آهي. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جو چوڻ آهي ته وي پي اينز جي وڌندڙ استعمال بينڊوڊٿ تي اضافي بار وڌو آهي. انٽرنيٽ جي طلب کي پورو ڪرڻ لاءِ بينڊوڊٿ( اسپيڊ) کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ قطر جي ويجهو سامونڊي ڪيبل ۾ خرابي جي خبر ڏني هئي. پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته قطر جي ويجهو AAE ون ڪيبل جيڪا پاڪستان کي عالمي انٽرنيٽ ٽريفڪ سان ڳنڍي رهي آهي، جيڪا 7 انڊر سي ڪيبلز مان هڪ آهي، پاڪستان ۾ انٽرنيٽ ۽ براڊ بينڊ استعمال ڪندڙن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري سگهي ٿي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.