اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گذريل ٻن کان چئن هفتن ۾ اسلام آباد ۾ جيڪا يلغار ٿي، ان جي نتيجي ۾ سوشل ميڊيا تي ڪوڙ ۽ حقيقتن کي مسخ ڪرڻ جو جيڪو طوفان پيدا ٿيو آهي، ان طوفان کي جيڪڏهن نه روڪيو ويو ته اسان جون سموريون ڪوششون لڙهي وينديون. اسلام آباد ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته دشمن اوچتو بيٺو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سرحد پار حملي جو ڀرپور جواب ڏنو ويو. وزيراعظم جي صدارت هيٺ قومي ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ کان ٻاهر سوشل ميڊيا پروپيگنڊا ڪندڙ عنصرن جي خلاف ڪارروائي تي اتفاق ڪيو ويو.نيشل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير، چئني صوبن جا وڏا وزير، چيف سيڪريٽريز، وزيراعظم آزاد جمون ۽ ڪشمير، ۽ وزيراعليٰ گلگت بلتستان به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، انٽيليجنس ادارن جا سربراهه، ۽ ڊي جي ايف آءِ اي پڻ موجود هئا.ذريعن موجب، وزيراعظم اجلاس دوران ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ سياسي اتفاق راءِ ۽ مثبت قومي بيانيي جي اهميت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ ”عزمِ استحڪام“ مشن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سياسي استحڪام کي ضروري قرار ڏنو ويو. اجلاس دوران آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير دهشتگردي خلاف پاڪ فوج جي عزم کي ورجايو ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. اجلاس ۾ نيڪٽا (نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي) کي ٻيهر فعال ڪرڻ، خطري جي نشاندهي لاءِ مرڪز قائم ڪرڻ، ۽ دهشتگردي، مذهبي انتهاپسندي، ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات جي روڪٿام بابت ادارن جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي.اجلاس دوران ملڪ جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيل سان ڳالهايو ويو ۽ دهشتگردي جي لعنت خلاف گڏجي بيهڻ تي اتفاق ڪيو ويو، شرڪت ڪندڙن هر قسم جي انتهاپسندي کي سختي سان چٿڻ تي به اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ پرڏيهين، خاص طور تي چيني شهرين جي تحفظ بابت قدمن جي بريفنگ ڏني وئي ۽ انهن جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن هنڌن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ قدمن کي تيز ڪيو ويندو، ۽ احتجاج جي آڙ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جعلي خبرن ۽ سوشل ميڊيا پروپيگنڊا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. اجلاس ۾ ڊجيٽل دهشتگردن سان سختي سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ٻاهرين ملڪن مان سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا ڪندڙ عنصرن جي خلاف ڪارروائي تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف 26 نومبر واري واقعي جو ذڪر ڪندي واضح ڪيو ته مظاهرين تي گوليون نه هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، جڏهن ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ان واقعي ۾ ڪيئي ڪارڪنن جي شهادت جو حوالو ڏنو. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي ڪجهه علائقن ۾ دشمن درانداز ويٺا آهن. اسان چڱي ريت ڄاڻون ٿا ته بلوچستان ۾ پاڪستان خلاف سازشن ۾ ڪهڙا ملڪ سهڪار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي ايجنڊاجو خواب پوروڪري سگهجي ٿو. اچو ته سڀ گڏجي چئني صوبن وفاق، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ امن امان قائم ڪريون، ان سان گڏ فتنا خوارج جو مڪمل خاتمو ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي..وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن صوبا وفاق ۽ دفاعي ادارن سان گڏجي ڪم ڪن ته پاڪستان جي بهتري ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل منصوبا جوڙيا وڃن ته پوءِ وزيراعظم جي حيثيت ۾ مون کي ڪا به پسند يا ناپسند ناهي.هن چيو ته ڊجيٽل محاذ تي پاڪستان خلاف جيڪو زهر اوڳاڇيو پيو وڃي، جيڪي ايجنٽ پاڪستان کان ٻاهر ويٺا آهن، اهي دوست وانگر دشمن آهن ۽ جنهن طريقي سان سوشل ميڊيا تي مهم هلائي رهيا آهن، اهو هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي. هن چيو ته اهي ايجنٽ ڪوڙ ذريعي حقيقتن کي مسخ ڪري رهيا آهن، انهن ڪوڙن ۽ حقيقتن کي مسخ ڪرڻ جي بنياد تي پاڪستان خلاف بيان ڏنو پيو وڃي، سوال اٿاريا پيا وڃن.