لاهور (عمران شفقت) گذريل ڪجهه ڏينهن کان عمران خان کي مختلف آڇون ٿيڻ بابت ڳالهيون هلي رهيون هيون، پر ذريعن موجب عمران خان کي ڪا به باضابطه آڇ نه ٿي آهي. اهو زور رڳو پي ٽي آءِ طرفان لڳايو پيو وڃي. عمران خان جو موقف آهي ته جيستائين تحريڪ انصاف جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ جيلن ۾ آهن، هو بني گالا نه ويندو. وزيراعظم آفيس سان لاڳاپيل ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪي رابطا ٿي رهيا آهن ته اهي سياسي نوعيت جا آهن، جن ۾ چونڊيل نمائندا شامل آهن ۽ حساس ادارا جيئن آءِ بي ۽ آءِ ايس آءِ ان ۾ شامل ناهن. ٻئي پاسي، خبرن موجب، عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي مبينا طور ڪجهه اهم آفيسرن سان رابطن ۾ آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي ان حوالي سان رابطن لاءِ اهم ڪردار قرار ڏنو پيو وڃي. خبرن موجب پي ٽي آءِ قيادت پنهنجي سياسي مستقبل لاءِ رستا ڳولي رهي آهي، پر ڳالهين ۾ ڪا به اڳڀرائي نظر نٿي اچي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ پنهنجا مطالبا واضح طور لکي ڏيڻ کان لنوائي رهي آهي، جنهن سبب ڳالهين ۾ ڪا اڳڀرائي ممڪن نه ٿي سگهي. وزيراعظم جي آفيس جي اڻ چونڊيل سيڪشن پاران جاري ٿيل ترديد ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته آڇن بابت خبرون بي بنياد آهن ۽ ڪنهن نئين ڳالهه جو ڪو وجود ناهي. ان دوران، حڪومت دهشتگردي ڪيسن ۽ 9 مئي جي واقعن تي سخت موقف اختيار ڪيو آهي. وزيراعظم واضح ڪيو آهي ته ملڪ دشمني يا ڏوهارين کي بخش نه ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ لاءِ موجوده سياسي صورتحال ۾ سسٽم ۾ گنجائش گهٽ نظر اچي ٿي، ۽ عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جو سياسي مستقبل 2025 کان 2028 تائين غير يقيني ۾ رهي سگهي ٿو. جيڪڏهن موجوده حالتن ۾ ڪا به تبديلي اچي ٿي، ۽ عمران خان آزاد به ٿئي ٿو ته هو سياست کان لاتعلق بڻجي ويندو.