عالمي قوتن جي نيت ناهي ته افغانستان ۽ پاڪستان ۾ استحڪام هجي

نيو يارڪ (رضا رومي/عائشا صديقه) گذريل هڪ ڏهاڪي کان پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تي سنجيده تجزيا پيش ڪرڻ وارن ماهرن جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ اسٽريٽجڪ ڌرين جو آزاد خيال ماهرن سان رابطو نه ڪرڻ اهم سبب آهي، جنهن جو نتيجو موجوده عدم استحڪام جي صورت ۾ سامهون اچي رهيو آهي.  افغانستان بابت پاليسي پاڪستان لاءِ خاص طور تي اهم رهي آهي، پر طالبان جي حمايت ۽ ڪنٽرول جي کوٽ، خطي ۾ پاڪستان لاءِ وڏيون پيچيدگيون پيدا ڪري چڪي آهي. 2024 ۾ سامهون ايندڙ واقعا، (شهادتون) ان ئي پاليسي جو نتيجو آهن، جتي طالبان کي هڪ پاسي حمايت ڏني وئي ۽ ٻئي پاسي ان تي ڪنٽرول به حاصل نه رهيو. افغانستان ۾ عدم استحڪام جو تسلسل، پاڪستان جي اندروني حالتن ۽ پرڏيهي پاليسي تي به اثرانداز ٿي رهيو آهي. ٽي ٽي پي جي واڌويجھه، حقاني نيٽ ورڪ جي اثر، ۽ قندهاري طالبان سان گهٽ لاڳاپا خطي ۾ پاڪستان جي اهميت کي چئلينج ڪري رهيا آهن. ڊگهي پاليسي ۾ اوهان جو به هٿ آهي، اوهان جي دوستن آمريڪا جو به هٿ آهي. افغانستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪيو پيو وڃي ته جيئن افغانستان ان جو شڪار رهي ۽ ان جو اثر اسان تي به پوي ٿو. 2024 ۾ جيڪا صورتحال آهي اها ئي ڪهاڻي 2025 ۾ هلندي نظر اچي ٿي. پشتون سفير صادق خان جا طالبان جي مختلف اڳواڻن سان رابطا هئا پر ان جي نه ٻڌي وئي ته هن استعيفيٰ ڏني، هاڻي اوهان کيس ٻيهر مقرر ڪيو آهي ته ٻئي پاسي گڏوگڏ حملو به ڪري ڇڏيو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته چين جهڙا ملڪ افغانستان ۾ انفراسٽرڪچر منصوبن تي رابطن ۾ آهن پر عالمي قوتون خطي ۾ استحڪام جي مخالفت ڪري رهيون آهن. پاڪستان ۽ افغانستان ۾ استحڪام جو مطلب اوڀر جي ملڪن، جهڙوڪ چين ۽ روس، لاءِ فائدي وارو هوندو، جيڪو اولهه جي مفادن خلاف آهي. ڪنهن جي نيت اها ناهي ته پاڪستان ۾ استحڪام هجي. ان جي ڪري افغانستان ۽ پاڪستان ۾ عدم استحڪام ئي رهندو. اوهان 2 ڀيرا حملا ڪيا ته ان جي جواب ۾ هنن به حملا ڪري ڇڏيا. هن وقت اوهان ۾ ايتري سگهه ئي ناهي.افغانستان جي جنگ ۾ اوهان شامل هئا ته پرڏيهي فورسز به گڏ هيون هٿيار به اچي رهيا هئا ته مالي امداد به اچي رهي هئي جيڪا هاڻي ناهي اچي رهي. هاڻي اوهان سڀ ڪجهه پنهنجي طور تي ڪري رهيا آهيو. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تي گهريلو سياست جو اثر اڳ کان وڌيڪ نظر اچي رهيو آهي. پي ٽي ايم ۽ ٽي ٽي پي سان لاڳيتو مسئلا ۽ پي ٽي آءِ کي پشتون پارٽي جي طور تي ڏسڻ واري نقطه نظر، پرڏيهي پاليسي تي اثر وجهي ٿو. 2025 ۾ به افغانستان ۾ استحڪام جا امڪان گهٽ نظر اچي رهيا آهن، ۽ خطي ۾ جاري عدم استحڪام عالمي طاقت جي راند جو حصو بڻيل آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 04 جنوري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.