ڳالهيون پي ٽي آءِ نه پر ملڪ جي ضرورت آهن: شاهه محمود قريشي

لاهور(م ڊ) اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڳالهيون تحريڪ انصاف جي نه پر پاڪستان  جي ضرورت آهي، ڳالهين جي ناڪامي جمهوريت جي دور لاءِ خطرو هوندو. لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان نازڪ موڙ تي بيٺو آهي.  هنن چيو ته اسان جو ڪو به غير قانوني مطالبو ناهي، جيڪي سياسي قيدي آهن انهن کي آزاد ڪيو وڃي، قتل جي جوابدارن کي به ضمانت ملي ٿي، اسان ڏيڍ سال کان جيل ۾ آهيون، اسان کي نه ضمانت ملي آهي ۽ نه ئي ڪيس داخل ٿيو آهي. شروع ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته بلاول کي خبر هجڻ گهرجي ته ملڪ کي ڪهڙي ضرورت آهي، هن وقت تائين سول ملٽري اتفاق راءِ سان ئي ترقي ممڪن ٿي آهي، سياسي ڏاهپ وقت جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.